آرٽيڪل

عوامي بجيٽ 2011-12

ليکڪ: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ (سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير)
پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي آھي ۽ مجموعي طور تي پنجون ڀيرو اقتدار ۾ آئي آھي. پاڪستان ۾ جمھوريت جي علمبردار ھن پارٽي سان ماڻھن جي شاندار محبت جو سبب پيپلزپارٽي جو عوام جي حقن جي محافظ ھجڻ آھي. لھذا ھن پارٽي جو بنيادي مقصد عوام جي فلاح ۽ بھبود کي ترجيح ڏيڻ آھي. پٺتي پيل عوام جا مسئلا پارٽي قيادت جي نظر کان اوجھل ناھن ڇوتھ پارٽي ۽ عوام جو پاڻ ۾ گھرو رشتو آھي، عوام کي پنھنجي مسئلن جي حل لاءِ ھن ئي پارٽي مان اميدون آھن ۽ اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو تھ ملڪ جي سڀ مقبول عوامي ۽ جمھوري پارٽي پنھنجي ماڻھن جي مسئلن ۽ معاملن کان غافل رھي. بلا شبھا ملڪ جي اندر خراب معاشي حالتون ۽ امن امان جي صورتحال سان ملڪي ترقي کي شديد ڌجڪو لڳو آھي، جنھن سبب مھانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿي آھي، پر ھنن مشڪل حالتن ۾ بھ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين جناب آصف علي زرداري صاحب جي خصوصي ھدايت ۽ دلچسپي سان پاڪستاني سرڪار ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ھڪ عوامي بجيٽ پيش ڪري اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي تھ حالتون چاھي ڪجھھ بھ ھجن عوام جو مفاد پھرين ترجيح آھي.
جيئن تي اوھان ڄاڻو ٿا تھ 3 جون 2011ع تي وفاقي بجيٽ پيش ڪئي وئي آھي جيڪا پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سندس اتحادي حڪومت جي چوٿين بجيٽ آھي، ان کان پھريان اھو اعزاز جناب شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي حاصل آھي نھ تھ ڪڏھن ڪنھن چونڊيل جمھوري حڪومت کي تسلسل سان ڪم ڪرڻ نھ ڏنو ويو. لھذا ھن بجيٽ ۾ ان ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويو آھي تھ عام ماڻھو جي ڀلائي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ اھڙيون پاليسيون جوڙيون وڃن تھ جيئن مھانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سبب پوئتي پيل عوام کي رليف ملي سگھي.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي ھميشھ کان ڪوشش رھي آھي تھ عوامي ڀلائي جي پھلوئن کي سامھون رکيو وڃي پر پاڪستان پيپلزپارٽي جي ھن موجودھ حڪومت کي بھ ورثي ۾ مشڪل حالتون مليون جڏھن حڪومت ملي تھ معيشت نازڪ حالت ۾ ھئي ملڪ مان اٽو غائب ھو، زرعي ملڪ جي واسين کي ڊگھين قطارن ۾ بيھي ڪڏھن اٽو وٺڻو پوي پيو تھ ڪڏھن کنڊ لاءِ پنھنجو ڏينھن ضايع ڪرڻو پيو پوي. اھڙين حالتن ۾ حڪومت زرعي شعبي جي بھتري لاءِ ڪجھھ سڌارو آندو. ھارين کي زرعي سازو سامان ۽ ڪيميائي ڀاڻ وغيرھھ تي سبسڊي ڏني ۽ ھارين جي معاشي حالت جي بھتري لاءِ زرعي اناج جي پيداواري قيمت ۾ واڌ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، چانور ۽ ٻي زرعي پيداوار وافر مقدار ۾ ٿي ۽ ھاڻي ملڪ زرعي اناج ۾ خودڪفيل ٿي چڪو آھي. ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ درآمدات نھ پئي ڪئي وڃي. ٽماٽا، بصر جھڙيون واھپي واريون شيون بھ پوري ملڪ ۾ وافر مقدار ۾ ۽ آسان اگھھ تي دستياب آھن.
عوام کي پيش ايندڙ ٻيو وڏو مسئلو بجلي جي پيداوار ۾ شديد گھٽتائي جو ھو جنھن جي ڪري نھ رڳو گھريلو سطح تي عوام کي پريشاني جو منھن ڪرڻو پوي پيو پر ملڪي معيشت کي بھ وڏو نقصان پھتو. لھذا ھن حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي خصوصي ھدايت تي بجلي پيدا ڪرڻ جي رٿائن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ھاڻي ان مان ڪجھھ تي ڪم جاري آھي ۽ اھي تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آھن، ويجھو ئي عوام کي ان پراڻي مسئلي مان ڇوٽڪارو ملي ويندو، جنھن تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آھي ۽ لوڊ شيڊنگ ۾ واضح گھٽتائي محسوس ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي. پر ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ھاڻي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش باقي آھي. لھذا 2011-12ع جي بجيٽ ۾ عوام جي ان مشڪل کي سامھون رکندي بجلي پيدا ڪرڻ جي رٿائن جي لاءِ وڏي رقم رکي وئي آھي، واپڊا جي جاري رٿائن جي لاءِ پھرين 71.23 ارب رپيا رکيا ويا آھن ۽ 17 ارب رپين جي نئين رٿائن جي لاءِ واپڊا پنھنجي ذريعن مان رقم رکي آھي. حڪومت جن رٿائن تي رقم رکي آھي انھن مان ڪجھھ جي تفصيل ھي آھي. مثالطور نيلم جھلم پراجيڪٽ جي لاءِ 11 ارب رپين کان وڌيڪ، ديامر ڀاشا ڊيم جي لاءِ 81 ارب رپين کان وڌيڪ، گدو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ 31 ارب رپين کان وڌيڪ ۽ چشما ھائيڊل پراجيڪٽ جي لاءِ 5.51 ارب رپين جا خرچ رکيا ويا آھن، ان کان علاوھ چيچو ڪي مليان ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رٿائون شامل آھن. مختصر اھو تھ حڪومت جي ڪوشش آھي تھ ترت توانائي جي بحران مان ڇوٽڪارو ملي تھ جيئن معيشت جو ڦيٿو ھلي جنھن سان ملڪ جي حالت بھتر ٿئي تھ جيئن عوام کي روزگار ۽ خوشحالي ملي، جيتوڻيڪ ملڪ کي ھن وقت ھڪ ٻئي مسئلي جو منھن آھي اھو امن امان جي حالت آھي ۽ دھشتگردي ملڪ جي سلامتي کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آھي. جنھن جي ڪري 53 ھزار شھري ۽ 5 ھزار فوجي جوان شھيد ٿي چڪا آھن ۽ دھشتگردي جي واقعن سرڪاري ۽ خانگي مال ملڪيت کي شديد نقصان پھچايو آھي ملڪ ۾ غير ملڪي سرمائيداري جو عمل ڪافي حد تائين رڪجي چڪو آھي ۽ ملڪي سرمائيدار بھ پنھنجو سرمايو لڳائڻ ۾ کان لھرائي رھيا آھن، جنھن سبب بيروزگاري ۾ واڌ ٿي آھي. ان جنگ ۾ اندازي طور ھيستائين 86 بلين ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آھي.
ھڪ پاسي دھشتگردي جي خلاف جنگ جي ڪري ۽ ٻئي پاسي ٻوڏ جھڙي قدرتي آفت ملڪي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پھچايو آھي. ٻوڏ سبب ترقياتي خرچ تي ڪٽ لڳائي .61 ارب رپيا رکيا ويا جن ۾ فوري رليف يعني کاڌ خوراڪ، علاج معالجي ۽ عارضي رھائشگاھن کان علاوھ انھن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر يعني رھائشگاھن، تعليمي ادارن، اسپتالن، رستن جي تعمير کان علاوھ زرعي زمينن جي بھتري جا قدم بھ شامل ھئا. لھذا حڪومت کي انھن ڪمن جي لاءِ وڏي رقم فراھم ڪرڻي پئي جنھن سان ترقياتي رٿائن تي ڪم روڪڻو پيو.
نئين بجيٽ ۾ حڪومت ان صورتحال کي سامھون رکندي عوامي ڀلائي جي عزم کي ڪمزور نھ ٿيڻ ڏنو پر روزگار جي فراھمي جي لاءِ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ موجودھ بجيٽ ۾ ترقياتي خرچ جو رجحان .37 ارب رپيا ڪيو ويو آھي، جيڪو پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 46 سيڪڙو وڌيڪ آھي. جنھن مان ..4 ارب رپيا صوبائي حڪومتون قومي مالياتي ايوارڊ تحت فراھم ڪنديون. ڇوتھ ان ايوارڊ تحت صوبن کي خودمختياري ڏني وئي آھي، لھذا اھي پنھنجن فنڊز جو استعمال ڪرڻ ۾ آزاد آھن ۽ اھي فنڊ کين وفاق فراھم ڪري ٿو، جنھن کي صوبا پنھنجي مرضي سان استعمال ڪن ٿا. اھو صوبائي خودمختياري ڏانھن کنيل اھم قدم آھي جنھن سان وفاق جون اڪائيون مضبوط ٿينديون جيڪو آخرڪار پاڪستان جي مضبوطي جو ڪارڻ بڻبو. جڏھن ملڪ ۾ ترقياتي ڪم ٿيندا تھ ماڻھن کي روزگار ملندو، معيشت جو ڦيٿو بھ حرڪت ۾ اچي ويندو ۽ ائين غربت جي خاتمي ۾ مدد بھ ملندي. ان کان علاوھ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز جي دائريڪار کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ يونين ڪائونسل ۾ يوٽيلٽي اسٽور جي سھولت فراھم ڪرڻ جو منصوبو آھي، جتي عوام کي سموريون واھپي واريون شيون سستي اگھھ تي دستياب ھونديون، ان کان علاوھ ڪڻڪ، کنڊ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي اسٽاڪ ڪئي ويندي تھ جيئن بحراني ڪيفيت پيدا نھ ٿئي ۽ ڪوبھ مافيا غريب عوام جو استحصال نھ ڪري سگھي ۽ کين گھٽ قيمتن تي کاڌ خوراڪ جون شيون ملي سگھن. ان سان گڏ ئي جي ايس ٽي جي شرح ۾ ھڪ سيڪڙو گھٽتائي بھ ڪئي وئي آھي جنھن سان يقينن قيمتن ۾ گھٽتائي واقع ٿيندي ۽ ان مان بھ عوام کي رليف ملندو. مھانگائي ۾ گھٽتائي ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سموريون اسپيشل ايڪسائيز ڊيوٽيز، ريگوليٽري ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽيز ختم ڪري ڇڏيون آھن ۽ ڪِن ۾ بتدريج گھٽتائي آندي ويندي. ان جي ڪري درآمد ڪيل شيون عوام کي سستي اگھھ ملي سگھنديون. جن ۾ شيمپو، سافٽ ڊرنڪس، دوائون، مشينري، موٽر سائيڪل، گاڏيون ۽ ٻيون تقريبن ..4 لڳ ضروري شيون شامل آھن.
سوشل سيڪٽر ۾ وڌيڪ بھتري جي لاءِ حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ رقم 53 ارب رپين مان وڌائي .5 ارب رپيا رکي آھي تھ جيئن غريب عوام کي وڌيڪ رليف ملندو رھي ۽ ان جو دائرو وڌيڪ وڌائي سگھجي. اھو پروگرام گھٽ آمدني وارن ڪٽنبن جي لاءِ گذريل ٽن سالن کان جاري آھي ۽ ان ۾ وڌيڪ بھتري جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جيئن وسيلا حق، ھيلٿ انشورنس وغيرھھ شامل آھن. ان کان علاوھ بيت المال جي اداري کي نھايت فعال بڻايو ويو آھي ۽ عوام جي پئسي کي عوام تي ئي خرچ ڪيو پيو وڃي، سوات متاثرن ۽ ٻوڏ سٽيلن کي امداد جي فراھمي ۾ بيت المال جو ڪردار تمام نمايان رھيو آھي، موجودھ بجيٽ ۾ بيت المال جي فنڊز ۾ گذريل سال جي نسبت وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آھي تھ جيئن غريب عوام کي رليف ملندو رھي.
ھاڻوڪي بجيٽ ۾ حڪومت ديھي معيشت جي بھتري لاءِ اھڙي سڌاري جو پروگرام بڻايو آھي جنھن سان ..4 ارب رپين جي وڏي رقم سان ديھي علائقن جي بھتري جي لاءِ قدم کنيا ويندا، جنھن ۾ ٻنيءَ مان منڊي تائين رستن جي تعمير، زرعي پيداوار کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ اسٽورز جو قيام، واھن ۽ کلن کي پڪو ڪرڻ وغيرھھ شامل آھن تھ جيئن ملڪ جي 56 سيڪڙو آبادي کي خوشحالي ملي سگھي.
حڪومت پوئين سال سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز جي پگھارن ۾ .5 سيڪڙو واڌ ڪئي ھئي ھن سال اھا واڌ 51 سيڪڙو کان .2 سيڪڙو ڪئي وئي آھي ۽ ان کان علاوھ گريڊ 1 کان 51 جي ننڍن ملازمن کي ڪنوينس الائونس ۾ 52 سيڪڙو واڌ سان ڪيترائي ٻيا رليف ڏيڻ جو اعلان بھ ڪيو آھي. جن ۾ 9..2ع کان پھريان جي سمورن ايڊھاڪ الائونسز کي سندن بنيادي پگھار ۾ ضم ڪيو ويندو جنھن سان پگھارن ۽ الائونسز ۾ چٽو خاصو اضافو ٿي ويندو. جيڪو ملازمن جو پراڻو مطالبو ھو جنھن کي عوامي حڪومت پورو ڪري ڇڏيو ڇوتھ ملازمن جي حقن جو تحفظ ھڪ چونڊيل جمھوري حڪومت ئي ڪري سگھي ٿي. حڪومت ايندي ئي سمورن لٿل سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ملازمن کي بحال ڪري عوام سان ڪيل پنھنجي واعدي کي پورو ڪري ڇڏيو. حڪومت گھٽ آمدني وارن ٽيڪس ھولڊرز جي لاءِ شرح 3 لکن مان وڌائي ساڍا 3 لک ڪري ڇڏي آھي تھ جيئن عام ماڻھو تي وزن نھ پوي.
2011-12ع جي بجيٽ ۾ عوام جي ڀلائي جا منصوبا صدرِ مملڪت جناب آصف علي زرداري جي خصوصي ھدايت تي ۽ اتحادي پارٽين جي مشاورت سان بڻايا ويا آھن جن ۾ خاص ڪري ننڍن ڊيمز جي اڏاوت لاءِ رقم رکي آھي، تھ جيئن توانائي جي بحران تي جلد کان جلد ضابطو آڻي سگھجي ۽ معيشت جي بھتري سان غربت، بيروزگاري ۽ مھانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي پاڪستان پيپلزپارٽي جي خواب کي تعبير ملي سگھي ڇوتھ عوام جا مسئلا مضبوط جمھوريت سان ئي حل ٿي سگھن ٿا ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ان لاءِ ھر وقت پُرعزم آھي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button