ٽنڊو محمد خان

ضلعي اندر هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: رضوي

ٽنڊو محمد خان : ضلعي ايڊمنسٽر يٽر ٽنڊو محمد خان سيد برڪات احمد رضوي ٽي ايم اوز کي سانوڻ جي امڪاني برساتن کان اڳ ڪانٽيجينسي پلان جوڙڻ جي هدايت ڏيندي ٽنڊو محمد خان شهر اندر گندي پاڻي جي نيڪال ۽ روڊ جي تعمير واري عمل کي وقت سر ۽ معياري طريقي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن تي زور ڀريو آهي _ ان حوالي سان هن اي ڊي او روينيو کي ڊي وائرنگ پمپس جو انچارج مقرر ڪندي کيس انهن جي موجوده حالت بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽خراب پيل پمپس جي مرمت کي پڻ يقيني بنائڻ لاءِ چيو _ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڊي سي او طور پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ضلعي عملدارن جي پهرين گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن چيو ته ضلعي اندر هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته عام شهرين ، عوامي نمائندن ۽ واپاري تنظيمن سميت ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي ترقياتي ڪمن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏنو ويندو _ هن ٻڌايو ته ان حوالي سان سڀاڻي واپاري تنظيمن جي نمائندن سان هڪ گڏجاڻي پڻ ڪئي ويندي .هن چيو ته مقرر وقت اندر ڪم نه ٿيڻ سبب ماڻهن ۾ اعتماد جي کوٽ وارو رحجان پيدا ٿئي ٿو .تنهنڪري مقرر وقت اندر ڪم مڪمل ڪرڻ کي پڻ يقيني بڻايو وڃي _ هن ٽي ايم اي کي هدايت ڪئي ته هو برساتن جي شروع ٿيڻ کان اڳ شهر اندر نالين جي صفائي، حددخلين کي هٽائڻ ۽ ڊي وائرنگ پمپس کي تيار رکيو وڃي ته جيئن برساتن دوران ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه اچي _ هن ڊي او روڊس کي هدايت ڪئي ته هو شهر اندر تمعير ٿيندڙ روڊ بابت ورڪ پلان سڀاڻي پيش ڪري ۽ 10 ڏينهن اندر روڊ جي تعمير وارو ڪم مڪمل ڪري ته جيئن شهر جي رهواسين کي تڪليفن کان بچائي سگهجي _ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو شهر اندر هلندڙ ترقياتي ڪمن جي رفتار بابت کيس روزانا جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪن .ان موقعي تي ضلعي حڪومت جي مختلف کاتن جي عملدارن پنهنجن پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگي متعلق ڊي سي او کي آگاهي ڏني _ گڏجاڻي ۾ پ پ پ ضلعي نائب صدر سيد اعجاز نبي شاهه، اي ڊي او روينيو هادي بخش زرداري، اي ڊي او فنانس سيد غضنفر شاهه ، ڊي ڊي او الهه نواز ميمڻ ، ڊي ڊي او روينيو غلام قادر جوڻيجو ، ڊي او روڊس رحيم بخش سومرو، ٽي ايم او غلام مصطفيٰ زنئور سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button