لاڙڪاڻو

صدر آصف علي زرداري پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي رت جو عطيو

pre donatedblood
نئون ديرو : صدر آصف علي زرداري ڪالهه اڱاري ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ رت جو عطيو ڏنو. صدر آصف علي زرداري جي صاحبزادي بختاور ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه به ان موقعي تي موجود هئا. قومي مهم تحت گڏ ٿيندڙ رت جو عطيو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ مصروف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي لاءِ استعمال ٿيندو. صدر آصف علي زرداري عسڪريت پسندي خلاف جدوجهد ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي قرباني جي ياد ڏياريندي سندس سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پارٽي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي هئي ته هو پهرين وانگر انهن سمورن ماڻهن وانگر رت جو عطيو ڏين جن عسڪريت پسندن خلاف جنگ ۾ پنهنجو رت وهايو
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button