اسلام آباد

صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جو گورنر نواب ذوالفقار علي مگسي ۽ وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي جي ملاقات

اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جو گورنر نواب ذوالفقار علي مگسي ۽ وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي ڪالهه اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سنڌ جي صوبائي وزير نواب نادر مگسي ۽ ڊاڪٽر بابر اعواڻ به موجود هئا، ملاقات دوران بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي سميت صوبي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، صدر صوبائي حڪومت تي زور ڏنو ته صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ بلوچستان جي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪوششن تي ڌيان ڏنو وڃي، هن بلوچستان جي عوام جي قومي زندگي جي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جو احساس محرومي ختم ڪرن لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو، گورنر صوبي جي صورتحال جي باري ۾ صدر کي آگاهه ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button