اسلام آباد

صدر آصف علي زرداري سان ايران، سنگاپور ۽ تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن جي ملاقات، ذميوارين بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي


اسلام آباد : صدر آصف علي زرداري سان ايران، سنگاپور ۽ تاجڪستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايران جي لاءِ نامزد سفير خالد عزيز بابر، سنگاپور جي لاءِ نامزد هاءِ ڪمشنر حسن جاويد ۽ تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفير امجد سيال صدر سان ملاقات دوران پنهنجي نين ذميوارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري نون سفيرن کي مبارڪباد کي ڏيندي هدايت ڪئي ته پنهنجي مقرري وارن ملڪن سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ استحڪام ۽ تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏين. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ جي اقتصادي مفادن جي فروغ لاءِ “اقتصادي سفارتڪاري” جي سرگرمي سان پيروي ڪئي وڃي
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button