خيرپور

شيخ برادري پريمي جوڙي کي ڪارو قرار ڏئي ڇڏيو، قتل ڪرڻ جي فتوا جاري

خيرپور ( رپورٽ: اعجاز جکڙ) روهڙي جي جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ کانپوءِ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي . جڏهن ته شيخ برادري جو ڪٺ جوڙي کي ڪارو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ قتل ڪرڻ جي فتوا جاري روهڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل خبر موجب روهڙي تعلقه جي لوڪوشيڊ مراد علي شاهه محلي جي رهواسڻ 19 سالن جي نورجهان ڌيءُ محمد يعقوب شيخ 22 سالن جي نوجوان انور ولد محمد سومر لوڪوشيڊ مراد علي شاهه محلي جي جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو تنهن کانپوءِ شيخ برادري جو ڪٺ وڏيري ضمير شيخ جي نگراني هيٺ ٿيو جنهن ۾ جوڙي کي جيئرو پڪڙي کين قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي ان کانپوءِ جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ تحفظ جي لاءِ ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي. سومر جي ڏينهن جوڙي خيرپور ۾ اخبار وارن کي ٻڌايو ته اسان جا مائٽ بيگناهه اسانجي سرن جا دشمن ٿي ويا آهن ۽ اسان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ وڏيري ضمير خان شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪٺ ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان عاقل بالغ وات وڪيل آهيون ۽ اسان پنهنجي زندگي جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو اختيار رکون ٿا اسان هڪ ٻئي کي ڪيترن ئي سالن کا چاهيندا هيا سي اسان پيار جو پرڻو ڪري ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو آهي اسان گڏ رهڻ ۽ جيئڻ جا وچن ڪيا آهن هنن سياسي سماجي اڳواڻن کان جان بچائڻ ۽ تحفظ جي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button