آرٽيڪل

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران جمهوريت لاءِ وهايل رت ۽ سنڌ واسين پاران ان جي ڀيٽا.

تحرير: ڊاڪٽرتحسين شيخ
سنڌ جي راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙي طرح پنهنجي وطن ۽ وطن واسين جي حقن لاءِ ويڙهه وڙهي جهڙي طرح ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ جمهوريت جي بحالي خاطر قيد، جلاوطني جون صحبوتون سٺيون ۽ جهڙي طرح وطن جي ويرين سان وڙهندي وڙهندي پنهنجي جان جون نذارنو پيش ڪيوان جو مثال سواءِ سندس والد محترم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان علاوه تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. جيتوڻيڪ وطن ۽ عوام سان محبت ۽ جمهوريت جي ان ٻوٽي جي پيوندڪاري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي ۽ ان جي اوسر لاءِ پنهنجي رت جو ريج ڏنو پر ان ٻوٽي کي وڻ جي حيثيت ۾ پهچائڻ ، ان کي ڦلدار بنائڻ ۽ سنڌ جي غريب ماڻهن کي ان جي ٿڌي ڇانو هيٺ ويهارڻ لاءِ جيڪي جدوجهد ۽ پگهر ۽ رت شهيد محترمه بينظير ڀٽو وهايو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي _ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ ظالمن اهو سمجهيو هو ته هاڻ هن ملڪ جا ماڻهو لاوارث ، بي سهارا ۽ هيڻان ٿي رهندا ۽ هو انهن جي ا ستحصال سان پنهنجابِڀَ ڀريندا ، عيش ۽ عشرت ڪندا پر قائد عوام جو نعرو طاقت جو سرچشمو عوام آهي واري شعور کان هو صفا خالي هئا _ نتيجي ۾ کين وڌيڪ طاقتور عوامي ديوار سان منهن ڏيڻو پئجي ويو جنهن جي تعمير محترمه بينظير ڀٽو ڪئي. ملڪ ۽ قوم جي انهن غدارن، آمرن پنهنجي غير ملڪي آقائن جي مدد سان محترمه خلاف ڪئين محاذ کولي ڇڏيا پر محترمه انهن جي هر چال جو نهايت خوبصورتي سان مقابلو ڪيو ۽ عوام کي به سنڀاليو. جيتوڻيڪ انهن سازشي ۽ سامراجي ايجنٽن، عوام ووٽ سان ٻه دفعا قائم پ پ پ حڪومت خلاف سازشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر هو محترم جي عزم کي شڪست نه ڏئي سگهيا ،شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جنهن جو وطن واسين سان جيئڻ مرڻ جو وچن هو هڪ دفعو ٻيهر ملڪ دشمن قوتن کي للڪاريو ۽ اهڙي ڄاڻ هجڻ جي باوجود به ته سندس جان کي سخت خطرو آهي ۽ سندس مٿان قاتلانه حملا به ٿي چڪا آهن ميدان جنگ ۾ نڪري آئي ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳي ته اڄ جڏهن منهنجي ڌرتي مونکي پڪاري رهي آهي ۽ اڄ جڏهن منهنجي ڌرتي کي منهنجي رت جي ضرورت آهي ته مان پوئتي ڪيئن ٿي هٽِي سگهيان. اڄ منهنجي ڌرتي ، منهنجي ڪک مان جنم ورتل ،سورن ۽ سختين سان پاليل ٻچن کان به وڌيڪ مونکي عزيز آهي ۽ مان پنهنجي ڌرتي جي خون سان آبياري لاءِ ٻاهر نڪتي آهيان اچو بزدلو اچو، منهنجو مقابلو ڪيو، توهان مونکي ڊيڄاري نٿا سگهو، توهان مونکي منهنجي ڌرتي ، منهنجي ماروئڙن کان ڌار نٿا ڪري سگهو .اي بزدلو جيڪڏهن توهان ۾ همٿ آهي ته مون نياڻي سان قابلو ڪيو ! پر افسوس صد افسوس سازشي ، سامراجي ايجنٽن مقابلو ڪرڻ ۾ پنهنجي شڪست ڏسي ، ڊڄي سنڌ جي راڻي کي ماڳهين پنهنجي راهه کان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بم ۽ بارود جي سهاري شهيد راڻي جي زندگي کسي سڄي سنڌ بلڪ پوري قوم کي يتيم بڻائي ڇڏيو . شهيد محترمه پنهنجي ڌرتي جي آبياري پنهنجي رت سان ڪرڻ واري عزم ۾ ڪامياب وئي ۽ سندس اها قرباني هڪ طرف سنڌ واسين کي وڏو گهاءُ ڏنو ته ٻئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي سان سندس انسبت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. نيجي ۾ اڄ هڪ دفعو ٻيهر شهيد راڻي جي ور صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پ پ پ هن ملڪ جي هڪ حڪمران بلڪه خادم پارٽي جون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. اڄ جڏهن 20 جون کان اسان شهيد راڻي 58 هون جو جنم ڏينهن ملهائڻ جون تياريون ڪري رهياآ هيون ته اسانکي شهيد محترمه جو جمهوريت جي راهه ۾ وهايل رت شدد سان ياد ٿو اچي ڀلا ان وهايل رت کي ڪهڙي طريقي سان ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي ، يقينن رت جي قرباني کي رت جي ڀيٽا ڏيڻ ئي بهتر خراج تحسين آهي. پ پ پ سنڌ طرفان محترمه جي سالگرهه ملهائڻ جي سلسلي ۾ ٽن ڏينهن تائين رت جا عطيه جمع ڪرائڻ جي هڪ مهم شروع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي ته جيئن ڪارڪنن پاران ڏنل رت مان لاچار ۽ مجبور ماڻهن جي زندگين کي بچائي سگهجي ۽ محترمه جي قرباني واري جذبي کي ٻيهر ۽ باربار ورجائي سگهجي ته جيئن محترمه جي روح کي ايثال ثواب پچي سگهي . ان مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جناب تاج حيدر پاران هڪ پروگرام ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان _ هن پروگرام موجب شهيد محترمه بينظيرڀٽو کي ان جي سالگرهه جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ نوجوانن پاران ڏنل رت جي عطيي کي محفوظ بنائڻ ۽ ان جي اسڪريننگ لاءِ سنڌ جي صحت کاتي ۽ ناليوارين بلڊ بينڪن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.. هن پروگرام موجب رت جو عطيو جمع ڪرڻ جي ٽن ڏينهن واري مهم 20 جون 2011 کان گرمي سبب شام جي وقت ۾ سڄي سنڌ ۾ شروع ٿيندي . صحت جي عالمي معيار کي نظر ۾ رکندي رت جو عطيو وصول ڪرڻ لاءِ ڪيمپون صرف اسپتالن جي سامهون لڳايون وينديون ته جيئن اسپتالن جي اندرموجودجديد سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. ان ڪم لاءِ سنڌ جي صحت کاتي ۽ ناليوارين بلڊ بينڪن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن جنهن ۾ حسيني بلڊ بينڪ ، فاطميد بلڊ بينڪ، سکر بلڊ بينڪ ۽ نوابشاهه ٿيلسيميا سينٽرشامل آهن جن جو عملو رت جي محفوظ منتقلي، ان کي محفوظ ۽ ان جي اسڪريننگ ڪندو.هر شراڪتي بلڊ بيبنڪ کي ڌار ڌار ضلعا ڏنا ويا آهن جنهن تحت حسيني بلڊ بينڪ کي ڪراچي جي ايسٽ ۽ ويسٽ ضلعن، حيدرآباد ، ڄامشورو ، خيرپور، جيڪب آباد ، ڪنڌ ڪوٽ ، ٺٽو ، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ رت جي منتقلي واريون ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي جڏهن ته فاطميد بلڊ بينڪ جا ٽيڪنيشن ضلعي ٽندو الهيار، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، دادو، مٽياري، ڪراچي سينٽرل ۽ سائوٿ ضلعن ۾ رت جي متنقلي جي سارسنڀال ڪندا_ اهڙي طرح سکر بلڊ بينڪ کي ذميواري ڏني وئي آهي ته هو ضلعي سکر ،شڪارپور،لاڙڪاڻي، گهوٽڪي،قمبر/ شهدادڪوٽ ۽ ڪراچي جي ملير ضلعي ۾ رت جي متنقلي جي سارسنڀال ڪن .ان کان علاوه نوابشاهه ٿيلسيميا سينٽر ضلعي بينظير آباد، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ ۾ رت جي منتقلي جي نگراني ڪندو. هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ سرڪاري ۽ نجي بلڊ بينڪن ۾ 15 هزار رت جون بوتلون رکڻ جي گنجائش موجود آهي جڏهن ته محترمه جي سالگره جي موقعي تي ان کان وڌيڪ رت جي بوتلن جي عطيي جي اميد آهي .بحرحال گنجائش کان وڌيڪ رت جي بوتلن کي خير سگالي واري جذبي تحت ٻين صوبن ڏانهن به موڪليو ويندو . عطيي طور تي وصول ڪيل رت جي اسڪريننگ کي عالمي معيار موجب يقيني بڻايو ويندو جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ بين القوامي پروٽوڪول تحت لسٽ ۾ شامل پکڙجندڙ بيمارين جي اسڪريننگ هن ڪم ۾ شامل بلڊ بينڪ ڪنديون جڏهن ته ٻئي مرحلي تحت اها اسڪريننگ ان شامل بلڊ بينڪن کان رت جون بوتلون وصول ڪندڙ ادارا ڪندا _ هن طريقيڪار مطابق ڏنل رت جي هر ٿيلهي تي عطيو ڏيڻ وارن جو ڪوڊ نمبر لڳايو ويندو جنهن سان اسڪريننگ دوران ڪنهن به بيماري جي نشاندهي ٿيڻ تي رت جو عطيو ڏيڻ واري کي ٽريس / ڳولي سگهبو . رت جا عطيا گڏ ڪرڻ جي اها مهم پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ان جا ذيلي ادارا پيپلز ڊاڪٽر فورم ، پيپلز پيرا ميڊيڪل جي گڏيل ڪوششن جو عمل آهي جڏهن ته سنڌ جي صحت کاتي ۽ لاڳاپيل ضلعي حڪومتن انساني همدردي جي بنياد تي مهم ۾ مدد ڪندا . مهم دوران امن امان واري صورتحال کي برقرار رکڻ کان علاوه رت جي عطيي وارين ڪيمپن تي گهربل سهولتون جهڙوڪ اسٽينڊ باءِ جنريٽر، پيڊ سٽل فين ۽ عطيو ڏيڻ وارن لاءِ منرل واٽر، جوس ۽ بسڪٽن جو انتظام پڻ ڪيو ويو آهي. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عظيم قرباني کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ خاص طور صحتمند ماڻهو ان مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button