خيرپور

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو ملازم قتل

خيرپور(ڊر) ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن ڦلپوٽا برادري جو چڱو مڙس بخت علي عرف ڪڪو ڦلپوٽو کي گهرائي قتل ڪري ڇڏيو.خبرموجب لاشاري ڪٽوهر هلندڙ تڪرار دوران ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن پنهنجي ڀر ۾ رهندڙ ڳوٺ عيدن ڦلپوٽو جي رهواسي وڏيري بخت علي عرف ڪڪو پٽ عيدن ڦلپوٽو کي گهرائي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ڪڪو ڦلپوٽو شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جو ملازم به هو اي سيڪشن پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته فوتي جي جنازي ۾ سون جي تعداد ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي جڏهن ته مارجي ويل وڏيري بخت علي ڦلپوٽو جي ڀاءُ برڪت ڦلپوٽو اخباروارن کي ٻڌايوته ڪٽوهر لاشاري برادري جو اسانجي ڀر ۾ تڪرار هلندڙ آهي ٻنهي ڌرين هڪٻئي جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا آهن اربع جي ڏينهن ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن منهنجي ڀاءُ کي گهرائي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي هن چيوته اسان جو ٻنهي ڌرين سان ڪوبه جهيڙو ڪونه هو منهنجي ڀاءُ کي بيگناه گهرائي قتل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button