مٽياري

سڪرنڊ ڀرسان پئسا نه ڏيڻ تي ظالم ڏير تيز ڌار سان ڀاڄائي کي ڪهي ڇڏيو

سڪرنڊ: سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نور محمد چوهاڻ ۾ جوابدار جنوئر باگڙي پنهنجي ڀاڄائي 18 سالن جي سياڻي کان خرچ لاءِ پئسا گهريا پر ڀاڄائي انڪار ڪيو ته مون وٽ پئسا ناهن، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي جوابدار جنوئر باگڙي تيز ڌار سان ڀاڄائي جو گلو ڪٽي ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو ناريءَ جي دانهن تي سندس مڙس ڪرشن باگڙي ۽ گهر وارا کيس سخت زخمي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال کڻائي ويا. جتي هوءَ زخمن جاسور نه سهي فوت ٿي ويئي. مقتول ناريءَجي پيءُ لڇمڻ باگڙي سڪرنڊ ٿاڻي تي ٽن جوابدارن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. جن ۾ جنوئر ڪيانو ۽ ٻڍو باگڙي شامل آهن. واقعو گهر اڳيان ڪيلن جي باغ ۾ پيش آيو. پوليس هڪ جوابدار جنوئر ۽ شڪ جي بنياد تي ناري جي مڙس ڪرشن کي پڻ گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي آهي. هوڏانهن لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button