سکر

سکر ۾ 81 بلڊنگس غير قانوني طرح سان اسٽڪلچرل منظوريءَ کانسواءِ ٺاهيون ويون آهن: آغا سراج خان دراني

Agha Siraj Khan Durani 2
سکر :سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ کاتي جي صوبائي وزير اڄ آغا سراج خان دراني ڊي سي او آفيس سکر جي ڪاميٽي روم ۾ ٽي ايم اوز ۽ ايڊمنسٽرن سان سکر ضلعي ۾ مختلف ٽي ايم ايز ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي. گڏجاڻي دوران هن واسطيدار آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پهنجون ذميواريون سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان سرانجام ڏين ته جيئن حڪومت طرفان عوام جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيل ترقياتي اسڪيمن مان ماڻهو لاڀ حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته ڊيپوٽيشن تي رکيل آفيسرن کان چارج واپس وٺي انهن کي پنهنجن پيرنٽس ڊپارٽمينٽس ڏانهن موڪليو ويندو. هن واسطيدار آفيسرن کان سندن آفيسن ۾ موجود اسٽاف ۽ گهربل اسٽاف متعلق پڻ ڄاڻ حاصل ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ پيئڻ جي پاڻي واپرائڻ سان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان بچاءُ لاءِ آر او پلانٽ لڳايا ويندا. انهي دوران ڊي سي او سکر ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پڻ بريفگ ڏني. گڏجاڻي کان بعد صوبائي وزير ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو مختلف ضلعن ۾ ته ترقياتي ڪمن متعلق گڏجاڻيون صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي ڪيون پيون وڃن ته جيئن ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ 81 بلڊنگس غير قانوني طرح سان اسٽڪلچرل منظوريءَ کانسواءِ ٺاهيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ قانوني قدم کنيو ويندو. انهيءَ موقعي تي نعمان اسلام شيخ ايم اين اي، ڊاڪٽر نصرالله بلوچ ايم پي اي ، ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو ۽ مختلف تعلقن جا ٽي ايم اوز پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button