سکر

سکر ۾ ماحوليات جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان ھڪ واڪ جو اھتمام ڪيو ويو


سکر: ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ماحول جي تحفظ جي اداري اي پي اي ريجنل آفيس سکر طرفان ڊائريڪٽر اي پي اي سنڌ وقار حسين ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ اپوا اسڪول سکر کان مڪي مسجد سکر تائين هڪ واڪ منعقد ڪئي ويئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ماحوليات سنڌ وقار حسين ڦلپوٽو خطاب ڪندي ماحول جي گدلاڻ کان بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ تي زور ڀريو هن ماحول جي گدلاڻ سبب خطرات کان پڻ آگاهي ڏني. هن واڪ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. واڪ جي اختتام تي اپوا اسڪول سکر جي ٻارن ۽ ٻين واڪ ۾ شريڪ ماڻهن قاسم پارڪ جي صفائي مهم ۾ حصو ورتو. بعد ۾ اي پي اي ريجنل آفيس سکر ۽ اپوا اسڪول سکر جي تعاون سان هڪ سيمينار پڻ اپوا اسڪول ۾ منعقد ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي ڊائريڪٽر اي پي اي مسٽر وقار حسين ڦلپوٽو سيمينار ۾ ماحول جي مسئلن، زميني گدلاڻ ، آبي گدلاڻ، صنعتي گدلاڻ، فضائي گدلاڻ ۽ وڻن جي ڪٽائي ڪري پيدا ٿيندڙ ماحول تي ٿيندڙ اثرات تي روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ماحول جي گدلاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته آبي گدلاڻ ٺوس ڪچرو، فضائي گدلاڻ، اسپتالن جي زهريلي ڪچري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ماحولياتي قانون تي عمل ڪرڻ سان اسان پنهنجي ماحول کي آلودگي کان پاڪ ۽ صاف بڻائي سگهون ٿا. پرنسپال اپوا اسڪول سکر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان کي بيمارين کان بچڻ لاءِ انسان دوست ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن کان اڳ اي پي اي ريجنل آفيس سکر جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مسٽر منير احمد عباسي سيمينار جي مول متن متعلق آگاهي ڏني. سيمينار ۾ اپوا اسڪول جي پاران ٻارن ماحول کي آلودگيءَ کان بچائڻ جي حوالي سان تقريرون ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ويا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button