سکر

سکر بندروال جو مرمتي ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ اڄ کان 3 ٽيمون وڌائڻ جو اعلان

sukkur floods AFP 640x480سکر (عمر سومرو) آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري خالد ميمڻ چيو آهي ته سکر بندروال جي قبضن کان آجي حصي تي ڪم تيز ڪرڻ لاءِ اڄ کان ٽيمن جو انگ هڪ مان وڌائي 4 ڪيو پيو وڃي ته جيئن 30 جون تائين ڪم مڪمل ڪرائي سگهجي، ڪالهه سکر بندروال ۽ سکر بيگاري بند تي هلندڙ مرمتي ڪمن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بندروال تي سوا مهيني ۾ 8 هزار فوٽن مان 5 سئوٽ فٽ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، باقي رهيل ساڍا ست هزار فٽن جو ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن موجوده ڊزائن موجب ڪم نه ڪري سگهياسين ته ٻئي آپشن موجب بندر وال کي اندرئين پاسي کان پلاسٽر لڳايو ويندو. هن چيو ته اسان بندروال جي بنيادن مان پٿر ڪڍي پراپرارٿ مٽيريل وجهي ان کي مضبوط ڪنداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ٽوڙِ بند سميت سنڌ جي بندن ي جاري سمورا ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪم جو معيار بهتر رکڻ لاءِ ڪم مناسب رفتار ساب نه پيو ٿئي، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي قرض ان بندن جو جون جي پهرين فهتي ۾ روع ڪرائڻ جي ڪري معاملو جولاءِ تائين به وڃي سگهي ٿو، هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي گهرج موجب پاڻي ملي رهيو آهي ۽ هاڻ وڇ 1991ع جي ٺاهه تحت ٿي رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button