خيرپور

سچل سرمت لائبريري ۾ ڪئٽالاگ ۽ مينيو اسڪرپٽ جي عدم موجودگي جو ڊي سي او نوٽس وٺي ڇڏيو

Sachal Sarmast Libخيرپور: ضلعي ايڊ منسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ سچل سرمت لائبريري خيرپور ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس خيرپور جو دور ڪيو. لائبريري جي دوري دوران ڊي سي او سچل لائبريري جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ لائبريري ۾ موجود مطالعو ڪندڙن کان لائبريري اندر موجود سهولتن جي حوالي سان حال احوال ورتا جڏهن ته لائبريري جي دوري دوران ڊي سي او لائبريري ۾ ڪئٽالاگ ۽ مينيو اسڪرپٽ جي عدم موجودگي جو سخت نوٽس وٺندي لائبريري انتظاميه تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ لائبريري جي ڊيوٽي دوران 9 غير حاضر ملازمن جي خلاف ڊي سي او ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي لکت ۾ ليٽر لکي سندن خلاف قدم کڻڻ لاءِ گذارش ڪئي جڏهن ته سيڪريٽري ثقافت پاران ڊي جي ڪلچر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. ڊي سي او جي اهڙي قدم جي لائبريري ۾ مطالعو ڪندڙن ساراه ڪئي ۽ لائبريري ۾ سهولتن کي يقيني بڻائڻ تي ڊي سي او جو شُڪريو ادا ڪيو. بعد ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس خيرپور جو دورو ڪيو ۽ آفيس جي مرمتي ڪم جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ ڊي سي او کي ضلعي اطلاعات آفيس جي مرمتي ڪم ۽ آفيس جي ڪارڪردگي جي حوالي سان کيس بريفنگ ڏني جڏهن ته ڊي سي او ضلعي اطلاعات آفيس جي عملي پاران ضلعي اندر مختلف سرڪاري سرگرمين کي ميڊيا ذريعي پذيرائي ڏيڻ ۽ انهن سڀني سرگرمين کي بروقت انٽرنيٽ ۽ ضلعي حڪومت جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪري ملڪ جي دور دراز علائقن ۾ رهندڙن کي خيرپور ضلعي اندر ٿيندڙ سرگرمين بابت ڄاڻ ڏيڻ تي ساراهه ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button