شاعري

سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام.

Pagaroهن ديس جو نانءُ روشن ڪيو،
سموري سنڌ کي گلشن ڪيو،
سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام.
جنهن غدارن کي خوار ڪيو،
سچ جي ٻيڙيءَ کي پار ڪيو،
… سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام.
پنهنجن ساٿين سان پيار ڪيو،
حرن کي به ڌرتي جو يار ڪيو،
سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام.
شهادت کي دل سان قبول ڪيو،
پنهنجي دليري کي مقبول ڪيو،
سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام
خاندان جو مان بلند ڪيو،
محبت کي سُربُلند، ڪيو
سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام.
وطن کي ڌارين کان ڌار ڪيو،
ماڻهن جي حقن جو اظهار ڪيو،
سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام.
جنهن، سورهين جو پيغام عام ڪيو،
حئي سورهيه کي آهي سلام ڪيو،
سورهيه بادشاهه کي سرخ سلام

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button