آرٽيڪل

سماجي ڀلائي جا ادارا يا ڪاروبار جو منفرد طريقو؟

ليکڪ دليپ دوشي لوهاڻو
اٽو، لٽو، اجهو، صحت، تعليم، پاڻي، ملازمت، تحفظ اهي هر انسان جو بنيادي ضرورتون آهن ۽ هر رياست ۽ اتان جي حڪمرانن جي اها پهرين ذميواري هوندي آهي، ته هو پنهنجي عوام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري ڏئي، حڪومت انهي ڏس ۾ عوام کان ٽئڪس وصول ڪري ٿي. پر جڏهن رياستي ادارا مختلف سببن جي ڪري ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن ته اهي پنهنجون ذميواريون پوري طريقي سان نڀاهي نه سگهندا آهن ۽ نتيجي ۾ عوام ويچارو مصيبتون برداشت ڪري ٿو. ادارن جي اهڙي ڪمزوري جي ڪري عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ خلا (gap) پيدا ٿئي ٿو ۽ قدرت جو قانون آهي ته جتي به جنهن جي ڪري ڪو خلا پيدا ٿئي ٿو ته ڪا ڌر، ماڻهو يا ادارو انهي خلا کي ڀرڻ لاءِ اڳتي اچي ٿو. پوءِ اهو خلا ڀرجي ٿو يا نه پر اهو ماڻهو، ڌر يا ادارو انهي ڪمزوري مان فائدو ضرور وٺي ٿو ۽ عوام ويچارو جنھن کي ڪو آسرو پيدا ٿيندو آھي ته ھاڻي سندس داد رسي ٿيندي سو ويتر ئيمايوسي ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ٽئين دنيا جي مختلف غريب ملڪن جيان اسان وٽ ادارن جي ڪمزوري ڪنهن کان لڪل ڪونهي، ڪرپشن، بدعنواني ۽ مختلف پيچيده سسٽم جي ڪري ادارا عوام جي ڀلائي جا ڪم پنهنجي عين طريقيڪار مطابق نٿا ڪن، جنهنڪري سالن پڄاڻان به عوام اڃان ڀوڳنائن جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي. امير، امير تر ٿيندو پيو وڃي ته غريب ويتر غريب تر ٿيندو پيو وڃي. ملڪ جي آبادي غريب جي لڪير کان به هيٺ زندگي بسر ڪري ٿي، کين ٻه ويلا ماني به مشڪل سان نصيب ٿئي ٿي. انهي سڄي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي حام هڻندي ”غير سرڪاري تنظيمون“ اين.جي.اوز وجود ۾ آيون،سماجي ڀلائي جو نعرو هڻي پاڻ کي سماجي ڀلائي جي تنظيمن طور متعارف ڪرايو. انهن حام هنئي ته اهي عوام کي متبادل ذريعا پيدا ڪري ڏينديون جنهن سان عوام کي بنيادي سهوليتون ميسر ٿي سگهنديون.سماجي ڀلائي جي ڪم کي اسان وٽ عبادت سمجهيو ويندو هو، هرڪو ئي پنهنجي طور تي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان سماجي ڀلائي جي ڪم ۾ رضاڪارانه طور تي هٿ ونڊائيندو رهندو هو ۽ اهو ڪم ماڻهو وڏي فخر سان ڪندا هئا ته سندس جي ڪري ڪنهن غريب جي مدد ٿي پئي ته سٺي ڳالهه آهي. ويجهي ماضي ۾ ئي کڻي ڏسجي ته خيراتي اسپتال، مسافر خانا، اسڪول، ڪميونٽي حال، پارڪ ۽ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا ماڳ، شيون ۽ ڪم انهي ڳالهه جو جيترو جاڳندو مظهر آهن ته اسان وٽ ماڻهو پنهنجي هڙان خرچ ڪري به سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندا هئا. پر پوءِ وري اين جي اوز ڪلچر آيو، جنهن جي ڪري رضاڪارانه ڪم آهسته آهسته ختم ته نه ٿيو آهي پر پوءِ به گهٽ ضرور ٿيو آهي. وقت ۽ حالتن جون ستم ظرفيون آهن يا وري جديد دور جي ڪري انسان وڌيڪ پروفيشنل ٿيندو پيو وڃي جو هاڻي هر ڪو ئي اها ئي خواهش رکي ٿو ته کيس سندس ڪم جي بدلي ڪونه ڪو معاضو ضرور ملي. مطلب ته پهرين سماجي ڪم (سوشل ورڪ) عبادت ۽ ڀلائي سمجهي ڪيو ويندو هو پر هاڻي ڪاروبار سمجهي ڪيو ٿو وڃي. بس پوءِ ڪاروبار ۾ ته هوندي ئي آهي ڪامپيٽيشن! هرڪوئي لڳي ويو هن ڌندي سان ۽ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۾ جنبي ويو.اڳي اسان وٽ اين جي اوز جو رجحان تمام گهٽ هو پر هاڻي انهي ڪم جو واپار وافر مقدار ۾ ٿيڻ لڳو آهي، ملڪ جي ٻين علائقن کي ڇڏي صرف اسين ٿر ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته به اين.جي.اوز جو تعداد ڳڻپ کان مٿي ٿيندو. جيڪو ٿو گهران ڪاوڙجي يا کين سرڪاري نوڪري نه ٿي ملي ته اهو سرڪار کي چار گهٽ وڌ اکر ڳالهائي ٻڌي ٿو سندرو اين جي اوز کولڻ جو. پوءِ سوشل ورڪ جي نالي تي جيڪا جٺ اهي عوام سان ڪن ٿا، انهي جو هڪڙو طويل داستان آهي. غريب خلق خدا کي صاف پاڻي، تعليم، صحت مهيا ڪري ڏيڻ جي نالي تي، ته ڪي ٻارن جي حقن جي نالي، ڪي عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين جي نالي، ته ڪي وري ڏڪار جو راڳ آلاپي پنهنجي پنهنجي الڳ ديڳڙي چاڙهيو ويٺا آهن ۽ لڳا پيا آهن پنهنجي ڌنڌي کي. اڃان صحت، تعليم، ٻارن، ڏڪارن ۽ عورتن جي نالي تي اهي نام نهاد سوشل ادارا انسانن جي خدمت ڪري بس واندا ئي ٿيا هئا ته ڪن وري وڻن، ٻيلن، ڍور ڍڳن، نانگن، بلائن ۽ مورن جهڙي ويچاري معصوم بي زبان مخلوق کي به نه بخشيو ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بهتري جي نالي تي به گورن جا کيسا ڪٽي پنهنجا جيب گرم ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش پئي ڪئي آهي.عوام ويچاري کي صاف پاڻي مليو يا نه مليو خير آهي پر سندن نالي تي ايندڙ پئسن مان هي ويچارا اين جي اوزي بابو صرف منرل واٽر ئي پيئندا آهن ڇو جو سندن صحت صحيح هوندي تڏهن ئي ته هو ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي سگهندا. باقي عوام ويچاري کي ديسي طريقي سان مٽي جي نادين ۾ ريتي، بجري ۽ ڪَڪرِي جي ذريعي پاڻي صاف ڪري پيئڻ جا مفيد مشورا مفت ڏئي فرض پورو ڪبو. ٻارن جي حقن جي نالي جو دهل پٽيندڙن کي پنهنجي مصروفيتن مان فرصت ملي ته گهڙي کن پنهنجي آسپاس جي دنيا ۾ به جهاتي پائي ڏسن ته اڄ به معصوم گلڙا نازڪ هٿڙن سان ورڪشاپن تي لوهه ڪٽيندا نظر ايندا، نفيس ۽ نازڪ عمر ۾ هوٽلن تي بيراگيري ڪندي نظر ايندا، ڪارپيٽ جي ڪارخانن جي دوزخ ۾ پنهنجي خوبصورت زندگي تعليم کان محروم ۽ عذابن ۾ بسر ڪندي نظر ايندا ۽ ٽرڪن، بسن تي مالڪن ۽ ڊرائيورن هٿان بي عصمت ٿيندي نظر ايندا پر کانئن ڪير پڇي سندس نالي تي ڪروڙين روپيه اجگر جيان ڳڙڪائي ويا آهيو پرننڍي عمر جي ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين جا ڪيترا ڪيس رجسٽرڊ ڪرايا آهن يا ڪيترن اهڙن ٻارن کي مفت ليگل ايڊ فراهم ڪئي آهي يا ڪيترن ٻارن کي گئريجن، هوٽلن، ڪارپيٽ انڊسٽري مان آزاد ڪرائي اسڪول داخل ڪرايو آهي؟. عورت جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا سمجهن ٿا ته صرف عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي ميڙاڪو ڪوٺايوسين ۽ ڊگها خطاب ڪري داد وصول ڪيو ته بس سندن ذميواري پوري ٿي پئي،! خدارا عورت کي ڪنهن اشتهار جي ماڊل وانگر استعمال ڪري سندس اهنجن، تڪليفن کي مغرب جي دنيا وٽ وڪڻي هروڀرو لبرلزم جو دهل وڃائي سندس لڙڪن جو ڪاروبار نه ڪريو. ڇو جو سندس معصوميت تي ڊگها ليڪچر ڏيئي ڪري توهان ته ضرور مغرب جا ٽوئر ڪري آيا هوندا يا کڻي توهان جي زندگي ته ضرور آسوده ٿي ويئي هوندي پر اڄ به عورت هن بگهڙن جي وحشي سماج ۾ ڪنهن ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ اڇلائي وڃي ٿي پر ڪير به سندس داد رسي ڪرڻ وارو ناهي.هن سموري بحث ۾ هڪ ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سرڪاري ادارن جي خلا کي ڀرڻ لاءِ قائم ٿيل غير سرڪاري ادارا (اين. جي.اوز) ڪنهن به صورت حڪومتي ادران جو متبادل نٿا ٿي سگهن . اهي سرڪاري ادارن جي هوندي هڪ ئي وقت Parallel طور پنهنجي طرفان اسڪول، اسپتالون، نلڪا، امداد، صحت، تعليم جون سهوليتن جي نالي تي ڪاروبار کان سواءِ ڪھن به نٿا ڪن ڇاڪاڻ جو اين.او.اوز جو اهو ڪم ئي ناهي ته ماڻهن ۾ ڪنهن سياستدانن وانگي امداد ورهائي. سوشل ورڪ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ انهن ادارن جو ڪم آهي ته اهي سماجي تبديلي (social change) آڻين، ماڻهن کي تعليم جهڙو بنيادي حق ڏيڻ رياست جو فرض آهي ۽ جيڪڏهن رياستي ادارا پنهنجو فرض پوري ايمانداري سان ادا نٿا ڪن ته اهي غير سرڪاري ادارا ماڻهن کي آگاهي ڏين، سماجي تبديلي آڻين، منجهن سياسي ۽ شعوري جاڳرتا پيدا ڪن ته خلق خدا پنهنجا حق حڪومت کان گهري وٺي، پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائي سگهي، سياسي، سماجي جدوجهد ڪري سگهي. جيڪو اصل ڪم آهي اهو ته پهچي ڪونه ٿو، باقي سرڪاري ادارن جي خامين جا ڪنڊا ڪڍي ۽ سماجي خدمت جي نالي تي امداد وٺي غريب عوام جي جيڪا خدمت ڪري رهيا آهيو سا خلق خدا کان ڳجهي ڪين آهي.
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button