سکر

سلطان شاهه ڪالوني جي رهواسڻ بيوه عورت مسمات نجمه انصاف لاءِ ٻاڏائيندي

Landسکر(بيورورپورٽ)روهڙي جي علائقي سلطان شاهه ڪالوني جي رهواسڻ بيوه عورت مسمات نجمه پنهنجي پٽ عديل سان گڏجي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ شبانه جي شادي ميرپور ماٿيلو ۾ نائچ برادري جي نوجوان دوست محمد عرف عامر سان ٿي منهنجي ڄاٽي پنهنجي حصي جي زمين پنهنجي زال شبانه جي نالي تي ڪئي ته منهنجي ڌيءَ جي ساهرن منهنجي ڄاٽي ۽ ڌيءَ جي جان جا دشمن بڻجي چڪا آهن. ۽ ٻئي جان بچائي هتي پناه ورتي آهي. جنهن کان پوءِ اهي ماڻهو اسان جي جان جا به ويري بڻجي چڪا آهن. ۽ اسان جي گهر اچي ڪري سنگين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ان سلسلي ۾ ڊي پي او سميت ٻين پوليس آفيسرن کي آگاهه ڪيو آهي پر ڪو به آفيسر اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه آهي ۽ انصاف لاءِ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان چڪر ڪاٽي رهيا آهيون ڪو به انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه آهي. هن چيو ته ڳوٺ جي وڏيري سميت ۽ ٻيا ماڻهو منهنجي ڌيءَ جي زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ گهر تي به قبضو ڪيو آهي ۽ منهنجي ڌيءَ تي حملو ڪيو جنهن ۾ منهنجو پوتو شديد زخمي ٿي پيو آخر ۾ صدر، وزير اعظم، چيف جسٽس کي مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي ڌيءَ جي حصي واري زمين ۽ گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ کي فوري گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ۽ اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button