اسلام آباد

زرداري سنڌ ڪارڊ کيڏي پيو، عوام کيس ملڪي تباهي جو ٺيڪو ناهي ڏنو:چوڌري نثار

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران بجيٽ تي بحث شروع ڪيو ويو. ان دوران پ پ ۽ صدر آصف علي زرداري تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي. (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته بجيٽ ۾ تعريف لائق ڪا به ڳالهه شامل ناهي. بجيٽ ۾ عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو ويو، ڪجهه قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي تنقيد ڪندي چوڌري نثار علي خان چيو ته بجيٽ لاءِ (ن) ليگ جي هڪ به تجويز تي عمل ناهي ڪيو ويو. ايوان ۾ تاڙيون وڄائڻ وارن جي اڪثريت آهي پر اسان بجيٽ کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪنداسين. بجيٽ ۾ سروسز سيڪٽر ۽ زراعت جا شعبا زوال جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال بجيٽ جا هدف گهٽ آهن، گذريل سال حڪمرانن 614 ارب روپين جا قرض ورتا، جيڪي هڙپ ڪيا ويا، هن چيو ته بجيٽ تي عمل ڪرائڻ لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي پر ناڻي وارو وزير ايوان اندر اچڻ به پسند نٿو ڪري. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته صدر زرداري سنڌ ڪارڊ کيڏي ٿو، ملڪي مفاد لاءِ هڪ لفظ به ناهي ڳالهائيندو. ملڪ تي حملي وقت کيس ماٺ جو روزو هوندو آهي. هن چيو ته عوام ٺيڪو ناهي ڏنو ته هو ملڪ جي وقار جو سودو ڪري ڇڏي. ملڪ هن وقت تباهي ڪناري تي بيٺل آهي. حڪمرانن 3 سالن کان عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو. ملڪ ۾ غربت 42 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. سڀ کان وڌيڪ مسئلو معاشي بدحالي آهي. هن چيو ته ڊگهي بحث کان پوءِ پارليامينٽ ۾ قرارداد منظور ٿي پر پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ سول ۽ فوجي حڪمران آمريڪا جي آڏو جهڪي ويا. هن چيو ته ملڪ هن وقت تباهي ڪناري تي بيٺل آهي. ملڪ جو مستقبل موجوده حڪمرانن جي هٿ ۾ محفوظ ناهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button