خيرپور

رپڙي بهارو پوليس خلاف ڪلهوڙا برادري جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو

خيرپور (رپورٽ اعجاز جکڙ) رپڙي بهارو پوليس خلاف ڪلهوڙا برادري جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو. خبرموجب اربع جي ڏينهن رپڙي بهارو پوليس جي خلاف ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي عبدالحميد ڪلهوڙو، فياض ڪلهوڙو، رفيق ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن چيوته پوليس بيگناهه پ پ اڳواڻ مسرور ڪلهوڙو ۽ گداحسين ڪلهوڙو جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي لٺيون وسائي وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن ۾ راحيل، فراز، مسمات پناهه خاتون، فهميده خاتون، شمي خاتون ۽ 10 کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون زخمي ٿي پيا پوليس گهرن مان هزارين رپيا روڪ سونا زيور ڦرلٽ ڪري کڻي ويا هنن چيوته جيستائين انصاف نه مليو ته پوليس خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button