خيرپور

ريڊ ڪمشنر سان بدتميزي ڪندڙ ايس پي او عبدالقادر چانڊيو سسپينڊ

Red Commissionerخيرپور(ڊر) ريڊ ڪمشنر سان بدتميزي ڪندڙ ايس پي او عبدالقادر چانڊيو سسپينڊ کيس شوڪاز نوٽيس ڏئي ڪم کان روڪيو ويو عدالت ۾ پيش نه ٿيو عدالت پاران پيرڳوٺ پوليس کي ايس پي او عبدالقادر چانڊيو پيش ڪرڻ جو حڪم ايس ايڇ او پاران جواب داخل هٿ نه ٿو اچي احتجاجي مظاهرو وڪيلن پاران ٽي ڪلاڪ عدالتن جي ڪم جو بائيڪاٽ. خبرموجب ريڊ ڪمشنر سميع الله قريشي ۽ فريادي حفيظ عباسي سان بدتميزي ڪندڙ ايس پي او ڪنگري کي آر پي او سکر سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سسپينڊ جو ليٽر عدالت کي موڪليو ويو جڏهن ته ڊي پي او خيرپور شوڪاز نوٽيس ڏئي عبدالقادر چانڊيو کي ڪم کان روڪي ڇڏيو آهي ان کانسواءِ عدالت ايس ايڇ او پيرڳوٺ منعم لاڙڪ کي ايس پي او عبدالقادر چانڊيو کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو عدالت ۾ ايس ايڇ او پيرڳوٺ منعم لاڙڪ لکي ڏنو ته ايس پي او هٿ نه ٿو اچي سگهي جنهن وقت هٿ آيو عدالت ۾ پيش ڪندس. عدالت جي ايس ايڇ او تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيو آهي ته ايس پي او پيرڳوٺ کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ان کانسواءِ خيرپور جي وڪيلن ٽي ڪلاڪ عدالتي ڪم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ڪيو احتجاج ۾ سمورن سياسي تنظيمن سان تعلق رکندڙ وڪيلن بار جي صدر شفقت مهيسر، جنرل سيڪريٽري ياسرعرفات شر، فرمان ڪناسرو، منظور انصاري، شبيرڀٽو، حبيب الرحمان شيخ، عبدالقيوم شيخ ۽ ٻين وڪيلن ڪئي جڏهن ته عباسي ڪلهوڙا اتحاد ۽ جاگيراڻي راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻن الڳ الڳ ايس پي او قادر چانڊيو خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي جج امام بخش بلوچ خيرپورپهچي ماتحت ججن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ پوليس کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو ايس پي او پيرڳوٺ عبدالقادر چانڊيو کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کي يقيني بڻائين. ان کان اڳ سيشن جج خيرپور سان ڊي پي او خيرپور عرفان بلوچ، بار جي صدر شفقت مهيسر، جنرل سيڪريٽري ياسرعرفات شر پڻ گڏجاڻي ڪئي آهي جڏهن ته گڏجاڻي جا تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button