اسلام آباد

رينجرز جي ھٿان نوجوان جو قتل، سپريم ڪورٽ ۾ سماعت جاري

سرفراز شاھ جي زندگي جي تصوير
ڪراچي: سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ رينجرز جي ھٿان نوجوان جي قتل جي ازخود نوٽس جي سماعت شروع ٿي ويئي آھي. عدالت عظميٰ جي لارجر بينچ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراھي ۾ ڪيس جي سماعت ڪري رھي آھي. سماعت جي دوران سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري جو نوٽيفيڪيشن گھرائي ورتو. چيف جسٽس پڇيو ته رينجرز جو ڪراچي ۾ مقرري جو ڪھڙو مقصد آھي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته رينجرز کي ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھيو. تنھن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ھي ته الٽو ٿي رھيو آھي، روڪڻ جي بجاءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آھي. ان موقعي تي گھرو وفاقي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته رينجرز تي انتظامي ڪنٽرول ته وفاق جو آھي، ھڪ نوٽيفيڪيشن جي ذريعي رينجرز جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کي ڏنو آھي ۽ ڪجھھ سالن کان ھي نوٽيس ھر ٽن مھينن کان پوءِ جاري ڪيو ويندو آھي
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button