خبرون

روڊ حادثي ۾ ايس ٽي پي ۽ عوامي تحريڪ جا مرڪز اڳواڻ زخمي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي لڳ روڊ حادثو، ايس ٽي پي ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن سميت 3 جڻا زخمي هڪ جي حالت نازڪ، ٺٽي لڳ مڪلي باءِ پاس تي هڪ تيز رفتار ڪار ۽ سوزوڪي وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ محمد حسن سمون ،عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو ۽ سوزوڪي ڊرائيور نيڪ محمد زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال ٺٽو نيو ويو جن مان ڊرائيور نيڪ محمد جي حالت ڳڻي جوڳي هجڻ ڪري کيس ڪراچي روانو ڪيو ويو جڏهن ته ٻين سياسي اڳواڻن کي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button