دادو

دادو ۾ 30 اسڪولن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ يونيفارم طور استعمال ڪرڻ جو فيصلو

دادو ۾ 30 کان وڌيڪ خانگي اسڪولن جي مالڪن پاران اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي يونيفارم طور استعمال ڪرڻ جو فيصلو، جيئي سنڌ تحريڪ جي سڏ تي ڪالهه دادو جي هڪ خانگي هوٽل ۾ خانگي اسڪولن جي انتظاميا سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ استادن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ضلعي صدر ظفر ڪوريجو راءِ رکي ته سنڌ جي ثقافت ۽ ڪلچر کي وڌيڪ شانائتو بڻائڻ لاءِ دادو جي خانگي اسڪولن ۾ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي يونيفارم طور استعمال ڪئي وڃي، جنهن تي پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ممتاز علي قمبراڻي، عرفان ساهڙ، محمد قاسم لغاري ۽ ٻين خانگي اسڪولن فرهان پبلڪ اسڪول،گئليڪسي پبلڪ اسڪول، دعا، مهراڻ، ڪئمبريج ، حنا، ياسر پبلڪ اسڪول، آفاق، شهيد بينظير اڪيڊمي پبلڪ اسڪول ۽ ٻين اسڪولن جي انتظاميا پاران فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ قوم جو شان آهي، اهي اسڪولن ۾ ڊريس طور خوشيءَ سان استعمال ڪرڻ تي متفق آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button