سکر

خبيب فائونڊيشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان آرمي پنو عاقل ڇانوڻي طرفان قائم ڪيل واٽر فلٽر پلانٽ والس روڊ جو افتتاح محمد قرا ڪيو


سکر: ترڪي جي اين جي او، خبيب فائونڊيشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان آرمي پنو عاقل ڇانوڻي طرفان قائم ڪيل واٽر فلٽر پلانٽ والس روڊ جو افتتاح ترڪي جي وفد جي سربراهه محمد قرا ڪيو. هن پلانٽ تي به لک ڊالر لاڳت آئي آهي هي پلانٽ 25 هزار ميٽر في ڪلاڪ پاڻي سپلائي ڪندو. ترقي جي 8 ميمبرن جي سربراهه محمد قرا انهي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ترقي جي عوام جي طرفان پاڪستاني ڀائرن لاءِ هي هڪ ننڌ تحفو آهي ۽ ترڪي جو عوام پاڪستان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته اسان هن ملڪ کي پنهنجو ملڪ سمجهندي پنهنجي ڀائرن جي خدمت ڪرن پنهنجو اخلاقي ۽ ديني فرض سمجهون ٿا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ترقي جي اين جي او 75 گهر پاڪستان ۾ ٺهرايا آهن 11 فلٽر پلانٽ مختلف ضلعن ۾ نصب ڪيا آهن، 3000 يوني فارم ۽ 3000 آبادگارن ۾ بج ۽ ڀاڻ سپلائي ڪيو 140 ڪنٽينر رليف گڊس جا جنهن جي لاڳت 4 ڪروڙ روپيا آهي پنهنجي پاڪستاني ڀائرن ۾ تقسيم ڪيا آهن. انهي موقعي تي پاڪستان آرمي پنوعاقل ڇانوڻي جي ڪرنل شهاب مهمانن کي ڀليڪار چوندي ٻڌايو ته هن فلٽر پلانٽ جي لاءِ پلاٽ پاڪستان آرمي ڊونيٽ ڪيو آهي ۽ ان جي مينٽيننس ٽي ايم اي سکر ڪندو. هن ترڪي جي عوام جو شڪريو ادا ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button