ٺٽو

حيسڪو جي نجڪاري خلاف ملازمن جو مظاھرو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ٺٽي ۾ حيسڪو ملازمن پاران مراعتون نه ملڻ ۽ حيسڪو جي نجڪاري جي امڪاني فيصلي خلاف حيسڪو يونين جي اڳواڻ عبادت حسين، محمد ، قاسم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ملازمن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ ،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملازمن سان نا انصافي ڪندي ملامن جا فري يونٽ ۽ ٻيون مراعتون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن سبب ملازم سخت پريشاني جو شڪار آهن، هنن مطالبو ڪندي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته مطالبا پورا ڪري ملازمن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button