ٺٽو

حيدرآباد سيوهڻ روڊ تي حادثو، ٽي فوت

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) حيدرآباد سيوهڻ روڊ تي حادثي ۾ فوت ٿيل ٺٽي واسي هڪ نوجوان جو لاش ٺٽي ۽ ٻن جڻن جو لاش ڪراچي نيو ويو سندن گهرن ۾ ڪهرام متل ، سيوهڻ جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ ويندي حيدرآباد سيوهڻ روڊ تي ٽائرراڊ ٽٽڻ سبب ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ٺٽو واسي 25 سالا نوجوان دانيال ولد زاهد کٽي جو لاش ڪالهه شام جو ديرسان ٺٽي شهر ۾ آندو ويو جتي رات ديرسان سندس تدفين جون تياريون ٿي رهيون هيون جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿيل دانيال جي مامي وحيد ۽ سئوٽ حماد جو لاش ڪراچي نيو ويو آهي ٽنهي فوتين جو تعلق ٺٽي سان آهي پر دانيال جا مائٽ هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهن حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻين گهرڀاتين کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ ئي خاندان جي 3 جڻن جي حادثاتي موت بعد سندن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button