آرٽيڪل

جمھوريت جو تحفظ

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
جمھوريت جو تحفظ صرف ھڪ سياسي پارٽي ۽ ان جي رھنمائن جي ذميواري نھ آھي، پر سمورين سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن کي گڏجي اھا ذميواري نڀائڻي پوندي. آمريت جي ڊگھن سالن کان پو= جڏھن جمھوريت جا صبح نمودار ٿيا آھن تھ انھن جي روشني ۾ عوام جا وڃايل حق ڳولي کين فراھم ڪرڻ سياستدانن ۽ سياسي پارٽين جي گڏيل ذميواري بڻجي ٿي. پاڪستان پيپلزپارٽي جمھوريت جي تحفظ ۽ ان جي بقا جي لا= يقينن ڊگھي جاکوڙ ڪئي آھي ۽ ان جي لا= پنھنجي اڳواڻن سميت پنھنجي ڪارڪنن جون قربانيون بھ ڏنيون آھن، يقينن ھي* دنيا جي واحد سياسي پارٽي آھي جنھن جي سربراھن کي غير فطري موت جو نشانو بڻايو ويو پر ھي* سياسي پارٽي پنھنجي بنيادي تصورن تي پھرين ڏينھن کان عمل پيرا آھي. محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ ميثاق جمھوريت جو تاريخي معاھدو پيپلزپارٽي جي انھن تصورن جي روشني ۾ ڪيو ويو ھو تھ عوام جي مسئلن جو حل عوام جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي قائم ڪيل حڪومتن ۾ ئي ڪري سگھجي ٿو ۽ جمھوريت ئي اھو بھترين انتقام آھي جنھن جي ذريعي بدترين دشمنن کي ھارائي سگھجي ٿو. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ ميثاق جمھوريت کي خوش اسلوبي سان نڀايو پر پنجاب حڪومت کان پيپلزپارٽي کي الڳ ڪري ميان نواز شريف ميثاق جمھوريت تي ھڪ سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آھي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي موجودھ مخلوط حڪومت سياسي ھم آھنگي جي بنيادي جمھوري تصور کي اختيار ڪندي ھيستائين ميثاق جمھوريت تي ان جي روح موجب عمل ڪيو. سينيٽ جي چونڊن جي دوران ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اھو پھريون ڀيرو ٿيو جو جنھن پارٽي ايوان بالا جي لا= جيڪي ميمبر نامزد ڪيا اھي پنھنجي سياسي پارٽي جي پارلياماني حجم جي مطابق آساني سان ايوان بالا جا ميمبر چونڊجي ويا. ڪوبھ گھوڙو نھ خريد ڪيو ويو ۽ ڪنھن پارٽي جي ميمبر کي ان جي قيادت کان نھ ٽوڙيو ويو. اھو جذبو ۽ اھو روح برقرار رھڻ کپي ھا پر ائين نھ ٿي سگھيو. پنجاب ۾ يونيفڪيشن گروپ بڻائي انھي* سياست جو رويو اختيار ڪيو ويو جيڪو ڪڏھن .991ع جي ڏھاڪي ۾ پاڪستان جي جمھوري حڪومتن جو امتياز بڻجي چڪو ھو. ائين نھ ٿيڻ گھرجي ھر ڪنھن جي حاصل ڪيل مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃڻ گھرجي. ميثاق جمھوريت جي روح جي عين مطابق پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو سربراھھ قائد حزب اختلاف کي بڻايو ويو ۽ پارليامينٽ جي ان اداري بلاشبھا پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪميٽي جي سربراھھ کي ھڪ مخالف سياسي پارٽي جو رھنما/ سمجھندي ان جي راھھ ۾ روڙا نھ اٽڪايا، نون ليگ جي طرفان وفاقي حڪومت ۾ عدم شموليت ۽ ان کان پھريان وفاقي ڪابينا کان علحدگي جو سياسي جواز تھ پيش ڪري سگھجي ٿو پر پنجاب ۾ پيپلزپارٽي کي صوبائي حڪومت مان ڪڍڻ جي سياسي وضاحت ڪئي وڃڻ ڪافي مشڪل آھي، ائين نھ ٿيڻ گھرجي ھا پر بدقسمتي سان ائين ڪيو ويو آھي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڄاڻي واڻي اوڏانھن ڌڪيو ويو آھي جڏي ڌڪيو وڃڻ جمھوريت جي استحڪام جي لا= صحيح نھ آھي. قاف ليگ جي سربراھھ چوڌري شجاعت حسين سان صدر مملڪت جي ملاقات سياسي ھم آھنگي جي انھي* تصور جي مطابق آھي، جنھن تي پاڪستان پيپلزپارٽي ھيستائين عمل ڪندي اچي ٿي، انھي* تصور جي مطابق ضمني چونڊن ۾ جنھن پارٽي ان کان پھريان ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي ان جي خلاف ڪوبھ اميدوار نھ بيھاريو ويو. وفاق ۽ چئني صوبن ۾ مليل جليل حڪومتن جو قيام جمھوريت جي استحڪام ۽ ميثاق جمھوريت ۾ ڪيل واعدن جي عين مطابق آھي. پنجاب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ جي مليل جليل حڪومت باھھ ۽ پاڻي جو ميلاپ نھ ھئي، پر آمراڻا حڪومتن کي روڪڻ ۽ لوٽاڪريسي جي خاتمي جي ھڪ ڪوشش ھئي، اھڙي ريت سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي مليل جليل حڪومت بھ صوبي ۾ سياسي قتل وغارت جي بدران عوام جي مسئلن جي حل لا= سياسي قيادت جي گڏيل ڏاھپ کي استعمال ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش آھي. آمراڻا حڪومتن جو بنيادي سبب سياسي پارٽين جو اختلاف ۽ معاف نھ ڪرڻ جي سوچ ھوندو آھي. ان سوچ کي خيبر پختونخواھھ ۾ بھ ختم ڪيو ويو، عوامي نيشنل پارٽي جي مينڊيٽ جو احترام ڪندي کين صوبائي حڪومت جوڙڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ پيپلزپارٽي صوبائي ڪابينا ۾ شامل ٿي سياسي استحڪام جي لا= پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. بلوچستان ۾ بھ انھي* تصورن جي مطابق مليل جليل حڪومت بڻائي وئي. وفاق ۾ نون ليگ عوامي نيشنل پارٽي،ايم ڪيو ايم ۽ جمعيت علما= اسلام کي شامل ڪري حڪومت جوڙڻ انھي* جي ڪري ھو تھ مستقبل جي آمراڻا حڪومتن جو رستو روڪي سگھجي. سياست ۾ دروازا ڪڏھن بھ بند نھ ڪيا وڃن، جيڪڏھن ڪراچي جي جيل ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي زبان ڪٽڻ جي مرتڪب سياستدانن سان جمھوريت جي استحڪام جي لا= ھٿ ملائي سگھجي پيو ۽ آصف علي زرداري کي نھ ڪيل گناھن جي پاداش ۾ ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيسن ۾ ملوث ڪندڙ سياسي پارٽي سان ملڪ جي روشن مستقبل جي لا= ھٿ ملائي سگھجي پيو تھ ايم ڪيو ايم، جمعيت علما= اسلام ۽ قاف ليگ سان ھٿ ڇونھ پيو ملائي سگھجي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ پارٽي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بجا طور تي چيو آھي تھ ميان نواز شريف ڪراچي جي جيل ۾ منھنجي زبان ڪٽرائي ھئي جيڪڏھن مان ميان نواز شريف کي معاف ڪري سگھان ٿو تھ قاف ليگ کي ڇو معاف نھ ٿو ڪري سگھان. پاڪستان جي سياست جو ھڪ تمام وڏو الميو اھو آھي تھ جمھوريت کي درپيش چيلينجن سان منھن ڏيڻ جي لا= سياسي پارٽين جو اتحاد ڪڏھن نھ بڻجي سگھيو ۽ جيڪڏھن اھو اتحاد ڪڏھن بڻيو بھ تھ ان کي پُر اسرار قوتن ڪجھھ سالن ۾ ئي سواليا نشان بڻائي ڇڏيو. سياسي قيادت کي ملڪ ۽ قوم کي درپيش چيلينجن ۽ جمھوريت کي لاحق مستقبل جي خطرن جو ادراڪ ڪرڻو پوندو. اھا يقينن سياستدانن ۽ سياسي پارٽين جي ناڪامي ئي آھي جو آمراڻا حڪومتون ڪڏھن 11 سال، ڪڏھن .1 سال ۽ ڪڏھن 9 سال بنا رڪاوٽ حڪومتون ڪن ٿيون ۽ چونڊيل جمھوري حڪومتون پنھنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button