آرٽيڪل

جدلياتي ماديت مختصر تعارف

عبدالنبي سوهو
انسان هميشه کان ان ڪائنات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي جيڪا سندس مشاهدي ۾ اچي ٿي. ڪائنات جي ماهيت ۽ جڙت کي جانچڻ لا؛ جيڪي ڪوششون يا ڪاوشون ڪيون ويون آهن تن جي نتيجي ۾ مختلف نظريا، فلسفا وجود ۾ آيا آهن.
جدلياتي ماديت به انسان جي انهي فڪري ارتقا جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي، جنهن ۾ هن وسيح ڪائناتي وجود ۽ خود پنهنجي وجود کي ۽ ان جي رازن کي پروڙڻ ۽ پرکڻ جو سفر شروع ڪيو.
جدلياتي فڪر جي باري ۾ اينگلس چوندو هو ته “جدليات فطرت، سماج ۽ انساني فڪر جي حرڪت ۽ ترقي جي عام اصولن جي سائنس آهي”.
اينگلس جي هي مختصر سٽ جدلياتي فڪر جي جامع تشريح آهي. ان مان لڳي ٿو ته جدليات جي معني ئي آهي تبديلي، حرڪت ۽ ترقي. ان جو مطلب هي ٿيو ته جدليات ڪائنات يا وجود کي مسلسل حرڪت ۽ تبديلي جي نقطه نظر سان ڏسي ٿي. ياد رهي ته ان جي ابتڙ به هڪ فڪر آهي جيڪو سموري وايومنڊل جو هڪ بيٺل ۽ جامد تصور پيش ڪري ٿو . اهڙي مابعد الطبعياتي فڪر جي نظر ۾ هي ڪائنات ۽ ان جا قانون ازل کان هئا ۽ رهندا آيا آهن اهي مطلق آهن ۽ انهن جو خالق مطلق ڪل آهي.
جدلياتي وصف موجب فطرت، سماج ۽ فڪر مسلسل تحرڪ ۽ تبديلي ۾ آهي. ايٽم جي سڀ کان ننڊي ذري ڪئارڪ کان ويندي چنڊ، ڌرتين، تارن ۽ ڪهڪشائن جا انيڪ پراسرار مادي وجود سڀئي هميشه کان لڳاتار هڪ تبديلي، هڪ حرڪت جي صورت ۾ آهن. تنهنڪري اهي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جي عمل مان گذرندا رهن ٿا. عروج ۽ زوال، ازل ۽ ابد، جبر ۽ اختيار، پيدائش، ۽ موت جي راند هميشه کان جاري رهندي آئي آهي. فطرت جي قانونن سان مشاهبت رکندڙ سلسلو انساني سماج ۾ به رهندو آيو آهي. بلڪه سماج فطرت جو عين تسلسل آهي ان سان تضاد جي صورت ۾ تاريخي طور اوسر ڪندو آيو آهي. انساني سماج به وجود ۾ اچي تنديلي جي عمل مان گذرندا آخر فنا ٿي وڃن ٿا، يعني نفي جي اصولن موجب فنا ٿيندا ڪنهن نئين سماج کي جنم ڏين ٿا. جيئن قديم اشتراڪي سماج مان غلام داري. غلام داري مان جاگيرداري، جاگيرداري مان سرمائيداري ۽ سرمائيداري جي بطن مان سوشلزم پو؛ آخر ڪميونزم جو ڦٽڻ سميت
سماجي مادي ارتقا جا اهم ڏاڪا دريافت ٿي چڪا آهن.
جدلياتي ماديت جي فڪر جي ارتقا هڪ طويل فڪري سفر سان ئي وجود ۾ آئي آهي، هي فڪر ذهني ارتقا دوران تصوريت ۽ ماديت جي لڳاتار تضاد دوران ئي دريافت ٿيو، ان ۾ هڪ پاسي منطق ۽ مفروضي، ٻي پاسي ٺوس مادي حقيقتون فلسفين تي فڪري انداز ۾ اثر پذير رهيون آهن، پر اهو مفڪرن جي ذهنن تائين محدود رهيو آهي.
هي ڳاله سمجھڻ بنه ضروري آهي ته ذهني ارتقا دوران تصوريت ۽ ماديت جو تضاد ڇا هو؟
تصوريت پسند اهو سمجھن پيا ته هي سموري ڪائنات ۽ ان ۾ روان دوان اصول دراصل ڪنهن آفاقي منصوبي جو نتيجو آهن. ته پو؛ لازم آهي ته اهڙي منصوبي کي جوڙڻ لا؛ منصوبي ڪار به هجي! ؟ منطقي نتيجي ۾ هڪ مطلق وجود جو تصور آيو جنهن کي ڪائنات ۽ ان جي لقائن جو خالق سمجھيو ويو ۽ سمجھايو ويو ته مادو به ان جي خيال جي اثر هيٺ تابع مخلوق آهي ۽ هو مٿي آزاد ۽ غير متعلق آهي
ان جي ابتڙ ماديت پسندن جو دليل آهي ته هي ڪائنات هڪ مادي وجود آهي مادو مسلسل تحرڪ جي ڪري مختلف صورتون اختيار ڪري ٿو. مادي کي ڪو به تصور وجود نه ٿو ڏي پر مادو ئي آهي جيڪو تصور تي اثر انداز ٿئي ٿو. شيون پنهنجي باهمي عمل سان صورت پذير يا صورت يافته ٿين ٿيون نه ڪنهن خيال مطعق جي ڪري.
هڪ وڏو عظيم تصوري فلسفي هيگل چوندو هو ته اهو خيال ئي آهي جيڪو مادي جي صورت گيري ڪري ٿو. پر ان جي ابتڙ مادي فڪر موجب اهو مادو ئي آهي جيڪو خيال تي اثر انداز ٿئي ٿو ان کي مخصوص شڪل ڏي ٿو. يعني اسان جا خيال، تصور يا سان جي آزاد مرضي ڪنهن سماج جي شڪ يا صورت نه ٿا ٺاهين پر سماجي وجود جيڪو مادي آهي اسان جي خيال ۽ تصور جي صورت گيري ڪري ٿو. مسلسل سماجي تبديلي جي ڪري اسان جي فڪر ۾ پڻ تبديلي وقوع پذير ٿئي ٿي. ڪائنات ۽ وجود متعلق اهڙو جديد سائنسي فڪر اسان کي اوڻيهن صدي ۾ ڪارل مارڪس ۽ سندس دوست فريڊرڪ اينگلس ڏنو. هو سڄي زندگي فطرت ۽ سماج بابت غير سائنسي ، مابعد الطبعياتي ۽ خيال پرست فلسفين ۽ انهن جي فڪر سا جدليات جي تيز دار ذريعي وڙهندا رهيا ۽ ڪائنات جي اصولن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. اهي قانون جيڪي اصل ۾ موجود ۽ جاري ساري آهن نه ڪنهن جي تصوري پيداوار آهن. ڪنهن نه ڪنهن مادي شعور جي اولڙي کان سوا؛ ڪجھ به ناهن.
ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته هيگل ۽ سندس سمورا ساٿي جن جو خيال هو ته تصور مادي کي تخليق ڪري ٿو مارڪس ان فڪر کي سبتو ڪري بيهاريو.
حقيقت هي آهي ته تصوريت مابعد الطبعيات، جنهن آخري انتها تي پهچي سگھي ٿي هيگل ان کي اتي پهچايو. هيگل تمام اثرائتو ذهن هو. هن پنهنجي ڪتاب منطق ۾ جدليات ۽ ان جا قانون بيان ڪيا. مثال طور مقدار جو معيار ۾ بدلجڻ، تضاد جي ذريعي اڳتي وڌڻ ، هيئت ۽ مواد جو ٽڪرا؛، جبر ۽ اختيار جو تضاد، تسلسل ۾ مداخلت، امڪان جو ناگزيريت ۾ تبديل ٿيڻ ۽ نفي جي نفي جو قانون.
اهو سڀ ڪجھ نظرياتي سوچ لا؛ ته تمام اهم آهي. پر هيگل جي انهن قانونن کي ڪا مادي شڪل نه ڏيئي سگھيو. سندس نظر ۾ سڀ شيون خيال مطلق جي پيداوار آهن. اتي مارڪس هيگل تي شديد حملو ڪيو. مارڪس اهو واضح ڪيو ته جدليات جا اهي قانون بلڪل صحيح ته آهن پر هيگل وٽ صرف تصور جي صورت ۾ آهن. جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. جدليات جون پاڙون نه آسمان ۾ ۽ نه ئي اسان جي آزاد مرضي ۾ شامل آهن. پر ان جا بنياد معروضي حقيقتن يعني فطرت ۽ سماج ۾ شامل آهن.
جدليات معروض( ٻاهرين دنيا) ۽ موضوع (اندروني دنيا) جو تضاد ۽ ملاپ آهي. انهن قانونن کانسوا؛ مادي جي مختلف صورتن ۽ ان ۾ موجود تبديلي جي قانونن کي، جيڪي ڪائنات جي ابتدا کان وٺي هيستائين جاري آهن سمجھي نه ٿو سگھجي ۽ نه ئي وري ان کي سمجھڻ سان ئي مستقبل لا؛ ڪو درست سائنسي جدلياتي تناظر تخليق ڪري سگھجي ٿو.
جدليات هڪ اهڙي سائنس آهي جنهن ۾ ابدي، الهامي طاقتن مطلق شين، غير فاني روحن، ديوين ۽ ديوتائن توڙي شيطانن جي ڪا به گنجائش ڪانهي. سائنس جيئن جيئن ترقي ڪندي ڪائنات جا راز کوليندي ٿي وڃي تيئن تيئن جدليات جي قانونن لا؛ نوان ۽ ٺوس دليل سامهون ايندا پيا وڃن. ڊارون جو ارتقا جو نظريو، نامياتي مادي جي دنيا ۾ جدليات جي تاريخي سوڀ آهي. ان کان علاوه عنصرن جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪوانٽم ٿيوري ۽ نظريه اضافيت جدليات کي ثابت ڪندڙ تمام وڏيون ڪاميابيون آهن.
جدلياتي فڪر کي مارڪس موجوده تخليقي صورت ڏني. هن ۽ اينگلس نه رڳو فطرت جي قانونن پر انساني سماج اندر موجود پيچيده قانونن کي به دريافت ڪيو. سماج تي ڪم ڪندي هنن سمجھايو ته ڪيئن پاداواري قوتون جن ۾ مشينون، اوزار ۽ انساني پورهئي جو فطرت تي عمل، گڏجي پيداواري رشتن جيڪي (غلام ۽ آقا، هاري ۽ جاگيردار، مزدور ۽ سرمائيدار) جي وچ ۾ هوندا آهن هڪ ٻي تي اثر انداز ٿي سامج جي بنيادي ڍانچي معيشت ۽ ان جي بالائي ڍانچن مذهب، سياست، اخلاق، قانون، ثقافت ۽ تهذيب سميت هر شئي کي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪنهن به سماج جي نفي ڪري، ان ۾ موجود دقيانوسي ۽ فرسوده عنصرن کي ختم ڪري مقدار کي معيار ۾ بدلائي، اڳتي جو سفر طعي ڪن ٿا. مارڪس ۽ اينگلس ان کان پو؛ لينن واضح ڪري سمجھايو ته سماج ڪنهن آفاقي اشاري موجب نه بدلبا آهن پر سماج ۾ موجود قانونن جو باهمي عمل ئي ان جي تبديلي جو ڪارڻ هوندو آهي.
جاگيرداري سماج ڪنهن نيڪ دل فرشتي جي اشارن سان يا ڪنهن مقدس فرد جي بد دعا سان ڪونه تبديل ٿيو پر اهي سماجي قانون ئي هئا جن ان سماج کي هڪ خاص منزل کان پو:؛ پيداواري قوتن جي آڌار تي سرمائيداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، بلڪه اهڙي ريت اهي ساڳئي قانون سرمائيداري تي به اثر انداز ٿين ٿا ۽ سماج هڪ خاص منزل تي اچي تبديلي جي گھرج ڪري ٿو ۽ ان جو بهترين انساني نعمل بدل سوشلزم جو عبوري مرحلو آهي. سوشلزم کان ڪميونزم ڏانهن سفر، هڪ تخليقي سفر ۽ انساني ارتقا جو اهم ترين ڏاڪو آهي. جنهن ۾ پيداوار منافعي ۽ حوس لا؛ نه پر انساني ضرورتن جي پورائي ۽ ڀلائي لا؛ استعمال ٿيندي. جتي پورهئي جو سماجي هجڻ ۽ ملڪيت جو ذاتي هجڻ جي تضاد جو مڪمل خاتمو ايندو. جتي مجموعي انساني علم ۽ عمل انساني ڀلي لا؛ استعمال ٿيندو نه ڪنهن مخصوص طبقي لا؛. پر سوشلزم ۾ اسان بورجوازي طبقي سان ويڙه دوران پرولتاري طبقي طرف جانبدار رهنداسين جيستائين طبقن جو خاتمو نه ٿو اچي.
جتي انسانيت بند سماج جنم وٺندو. ٻين لفظن ۾ طبقاتي نظام ۽ رياست جو خاتمو ڪري سوشلسٽ شعور رکندڙ سماجي وجود جنم وٺندو جيڪو فطرت سان تضاد ۽ ميلاپ جي باهمي عمل ذريعي هم آهنگي ڏيکاري تسخير ڪائنات جو سفر طعي ڪندو.
عبدالبني سوهو
ميرپور بٺورو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button