آرٽيڪل

توانائي جو بحران

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ گھرج ۽ پھچ جي شديد عدم توازن جو شڪار آھي. گئس جا پراڻا ذخيرا تيزي سان گھٽجي رھيا آھن، جڏھن تھ نوان ذخيرا ملڪ جي وڌندڙ آبادي ۽ ھر سال فراھم ڪيا ويندڙ لکين گھريلو، صنعتي ۽ تجارتي ڪنيڪشن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھن. پاڪستان ۾ گئس جي اڳوڻن ذخيرن کي ظالماڻي ۽ بي درديءَ واري طريقي سان استعمال ڪيو ويو، ناقص گھريلو گيزر، ھيٽر ۽ چُلھا بھ گئس جي ذيان جو اھم ڪارڻ آھن. ٻئي پاسي ملڪ کي بجلي جي گھرج ۽ پھچ ۾ بھ شديد عدم توازن جو منھن آھي، حقيقتن کي سامھون رکيو وڃي تھ ان بحران جي سموري ذميواري پاڪستان تي ڊگھي عرصي تائين حڪومت ڪندڙ فوجي آمرن تي پوي ٿي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو ويو، جيڪڏھن ڪالا باغ ڊيم سياست جي وَر نھ چاڙھيو وڃي ھا ۽ بروقت مڪمل ڪيو وڃي ھا تھ شايد پاڪستان اڄ بجلي جي ان بحران جو شڪار نھ ھجي ھا. جنرل مشرف جي .1 سالا اقتداري دور ۾ ڀاشا ڊيم کي مڪمل نھ ڪيو ويو محض سياسي بيان بازي ذريعي وقت گذاريو ويو، جنھن سان بجلي جو بحران شدت اختيار ڪندو ويو. ھڪ پاسي آبادي جو بي پناھھ ڦھلا/ ٻئي پاسي ھر سال فراھم ڪيا ويندڙ لکين گھريلو، صنعتي ۽ تجارتي بجلي جا ڪنيڪشن ۽ ان کان بھ پھرين ھڪ ٻئي فوجي آمر جنرل ايوب خان پاڪستان جا ٽي درياھھ سنڌ طاس معاھدي تحت ڀارتي جي ھٿ وس ڏئي ڇڏيا، جنھن جو نتيجو ايندڙ نسلن کي ڀڳتڻو پئجي رھيو آھي، جيڪڏھن اھي ٽي درياھھ ڀارت کي وڪرو نھ ڪيا وڃن ھا تھ پاڪستان کي اڄ ان بحران جو منھن نھ ڪرڻو پوي ھا جنھن جو ڪرڻو پئجي رھيو آھي. جنرل ايوب خان کان وٺي جنرل مشرف جي دور تائين فوجي حڪمرانن .3 سالن کان وڌيڪ پاڪستان تي حڪمراني ڪئي جڏھن تھ ان عرصي جي دوران ڪابھ سياسي حڪومت پنھنجي آئيني مدت پوري نھ ڪري سگھي. .991ع جي ڏھاڪي ۾ محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي 9 سالن دوران چار حڪومتون ڏنيون ويون، جيڪي مشڪل سان ٻن کان ٽن سالن تائين ھلي سگھيون، ان مختصر حڪومتن ۾ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪابھ ٺوس رٿابندي نھ ئي ڪري سگھجي پئي ۽ نھ ئي ڪنھن رٿابندي تي عمل ٿي سگھيو پئي. بجلي جي بحران جو ھڪ ٻيو وڏو سبب اڳوڻي حڪومت جي طرفان ڪيل اھو ظالماڻو ۽ سازشي نظريو ھو، جنھن تحت مستقبل جي چونڊيل حڪومت کي اربين رپين جي سرڪل ڊيبٽ (گردشي قرض) جي ڄار ۾ ڦاسايو ويو. اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي آخري مھينن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون .51 ڊالر تائين پھچي ويون ھيون، ان واڌ کي پاڪستاني صارفين تائين منتقل نھ ڪيو ويو ۽ مارڪيٽنگ ڪمپنين کي اوڌر تي ڪم ھلائڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو، پنھنجا ڪجھھ مھينا سڪون سان گذارڻ جي لاءِ 4 سئو ارب رپين جي گردشي قرض جو پھاڙ بيھاريو ويو جنھن جو منھن مستقبل جي چونڊيل حڪومت کي ڪرڻو ھو.
موجودھ حڪومت ٽن سالن جي دوران پنھنجي وسيلن جي مطابق بجلي جي بحران تي ضابطي لاءِ سمورا درڪار قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انھيءَ عرصي جي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون .8 ڊالر في بيرل تائين ڪِري 541 ڊالر في بيرل تائين پھچي چڪيون آھن، ٻئي پاسي موسمي چينج سبب ڊيمن ۾ پاڻي جي آمدورفت لڳاتار گھٽجي رھي آھي، جنھن جا اثر سستي بجلي يعني پن بجلي جي گھٽ پيداوار جي صورت ۾ سامھون آيا آھن. ان عرصي جي دوران بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو بنيادي ڪارڻ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ فرنس آئيل جي ڪري پيداواري لاڳت ۾ واڌ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ گھٽتائي ۽ پن بجلي جي پيداوار ۾ گھٽتائي آھي. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ دھشتگردي جي خلاف جنگ ۽ امن امان جي صورتحال سبب ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيداري جو عمل بھ بري ريت متاثر ٿيو آھي. پرڪشش ترغيبات جي باوجود ڪوبھ ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار بجلي جي پيداوار ۾ سيڙپ لاءِ تيار نھ آھي. ٻئي پاسي بجلي جي گھرج ۽ پھچ تي ضابطي لاءِ خانگي پاور پلانٽس کي گئس ۽ فرنس آئيل تي ھلائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پئي ان حڪمت عملي جا بھ ٻھ نقصان ٿيا، ھڪ فرنس آئيل جي درآمد ۾ واڌ سان درآمدي بل وڌي ويو ۽ زرمبادلي جي ذخيرن تي منفي اثر پيا، ٻيو گئس کي بجلي جي پيداوار تي منتقل ڪرڻ سان معيشت جا ٻيا شعبا بھ متاثر ٿيا ۽ ھڪ ٽيون سبب چار سئو اب رپين کان وڌيڪ جو گردشي قرض آھي، جيڪو ملڪي معيشت کي اُڏھي وانگر چَٽي چڪو آھي، ھڪ پاسي ٽيڪس وصولين ۾ گھٽتائي آھي توانائي جي بحران سبب صنعتي عمل جي شرح نمو نھ وڌي رھي آھي، ٻئي پاسي امن امان جي صورتحال جي ڪري ملڪي معيشت شديد دٻاءَ جو شڪار آھي، دنيا جي ڪابھ حڪومت ان صورتحال ۾ ان ڪارڪردگي جو مظاھرو ناھي ڪري سگھي جنھن جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي، قبائلي علائقن، خيبر پختونخواھھ، بلوچستان، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ امن امان جي مسئلن ۽ سياسي پيچيدگين جي ڪري بجلي چوري ھڪ عمومي رواج بڻجي چڪو آھي، بجلي چوري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومت 8..2ع ۾ جيڪا گڏيل مھم شروع ڪئي ان جي دوران 14 لک بجلي چوري جي معاملن جو سراغ لڳايو ويو ۽ پنج ارب رپيا بازياب ڪرايا ويا، بجلي چورن جي خلاف 52 ھزار ڪيس داخل ڪرايا ويا، بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ ميٽرز جو گھر کان ٻاھر ڀت تي منتقلي جو عمل شروع ڪيو ويو. سست رفتار، پراڻي ۽ خراب ميٽر جي تبديلي جي شروعات ڪئي وئي. فيڊرز جي سار سنڀال کان علاوھ موسمي صنعتن جي ڪنيڪشن جي ڏھاڙي ريڊنگ شروع ڪئي وئي ۽ بجلي چوري جو سراغ لڳائڻ تي انعام ۽ ملوث ھجڻ تي سزا جو عمل متعارف ڪرايو ويو…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button