خيرپور

بي وفائي تي عورت جو ميرواھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شھرين بچائي ورتو

ايڊيٽوريل نوٽ: ھي ڌرتي جيڪا لطيف سرڪار جي ڌرتي آھي، جنھن لاءِ امام حسين عليه السلام چيو ھو ته مون کي سنڌ وڃڻ ڏيو، اڄ ھن ڌرتي جي ڇا حالت آھي، ھتي جھالت وڌندي وڃي پئي، ھن خبرمان اندازو ٿئو پيو ته اسان ڪيڏانھن وڃون پيا، الله تعالٰي اسان کي محفوظ رکي

خيرپور(ڊر) بي سيڪشن پوليس اهلڪار محمد حسن خاصخيلي جي بيوفائي تي سندس سنگتياڻي زاهدان منگي ميرواهه ڪينال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهرين کيس بچائي ورتو معلوم ٿيو آهي ته زاهدان زال ڪرم الله منگي جو بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اهلڪار محمد حسن خاصخيلي سان عشق هلندڙ هو اربع جي ڏينهن زاهدان منگي محمد حسن خاصخيلي ڏي ٻه قرآن پاڪ کڻي آئي ته مون سان بيوفائي نه ڪر ۽ هو کيس ڇڏي هليو ويو ته زاهدان منگي ڪاوڙ ۾ اچي ميرواه ڪينال ۾ ٽپو ڏنو شهرين زاهدان منگي جو پيٽ مان پاڻي ڪڍي بي سيڪشن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button