بجيٽ تقرير

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي بجيٽ تقرير جي پڄاڻي ھن شعر تي ٿي ھئي ))باز کي مخالف ھوا کان گھٻرائڻ نھ گھرجي ڇوتھ اھا سندس بلند اڏام جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي آھي((. نون ليگ جي ميمبرن ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير جي دوران جيڪو رويو اختيار ڪيو اھو نھ صرف تمام غير سنجيدگي ۽ جمھوريت جي مذاق اڏائڻ جي برابر ھو پر پارلياماني روايتن جي ابتڙ ھو، ملڪي معيشت جي جيڪا صورتحال آھي ان کان نون ليگ کان وڌيڪ ڪوبھ آگاھھ نھ آھي. اڄ پاڪستان جن اندروني ۽ بيروني خطرن جو شڪار آھي، ملڪي معيشت جن چيلينجن مان گذري رھي آھي ان ۾ قومي اتحاد ۽ يڪجھتي جي جيتري ضروت اڄ آھي اھا پھرين ڪڏھن نھ ھئي، پاڪستاني عوام ان ڳالھھ جو منتظر آھي تھ سموريون سياسي پارٽيون پنھنجي سياست ڇڏي ھڪٻئي جو ھٿ پڪڙن ۽ پوري دنيا کي ھڪ زندھھ قوم ھجڻ جو پيغام ڏين، پر ھتي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان علاوھ ٻيو ڪجھھ ناھي ٿيندو. ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن جي ابتڙ ان جون ٽنگون ڪڍڻ جون ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. وفاقي ناڻي واري وزير جي تقرير جي دوران جيڪو ڊرامو اسٽيج جي سامھون رچايو ويو اھڙو طرز عمل ڪنھن فوجي صدر جنھن اقتدار تي ڌاڙو ھنيو ھجي ان جي سامھون اختيار ڪيو وڃي ھا تھ شايد سياسي ڪارڪن ان جو جواز ڏئي سگھن ھا، پر ھڪ چونڊيل حڪومت جي ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير جي دوران ھنگاما آرائي ڪرڻ عجيب ۽ غريب نعرا لڳائڻ ھڪ ٻاراڻي سياسي راند ئي چئي سگھجي ٿي، 8..2ع ۾ جڏھن موجودھ حڪومت اقتدار سنڀاليو تھ ان وقت ملڪي معيشت جي جيڪا صورتحال ھئي ان ۾ پاڪستان عالمي مارڪيٽ ۾ ڏيوالپڻ جي خطري جو شڪار ھو، افراط زر جي شرح 52 سيڪڙو ھئي، زرمبادلي جا ذخيرا محض 6 ارب ڊالر ھئا، توانائي جي شعبي ۾ پنج ارب ڊالر جي گردشي قرض جو بنياد رکيو ويو ھو، جمھوري حڪومت جي قيام جي ڪجھھ عرصي کان پوءِ جڏھن نون ليگ جي رھنما* اسحاق ڊار مخلوط حڪومت جو ناڻي وارو وزير بڻيو تھ کيس ملڪي معيشت کي درپيش چيلينجن ۽ تباھھ ٿيل اقتصادي صورتحال جي صحيح تصوير نظر اچي وئي ھئي، ڊاڪٽر حفيظ شيخ کان پھريان ناڻي وزارت سنڀاليندڙ ھن ئي حڪومت جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خود اظھار ڪيو ھو ۽ اھا ڳالھھ رڪارڊ تي بھ آھي، ڊاڪٽر حفيظ شيخ پنھنجي بجيٽ تقرير ۾ بھ ان جي نشاندھي ڪئي آھي تھ ھن اعتراف ڪيو ھو تھ بجيٽ خسارو 9 سيڪڙو کان بھ وڌي ويندو. اڄ جڏھن تھ محض ٽن سالن ۾ بجيٽ خسارو 4 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو ھدف مقرر ڪيو ويو آھي، زرمبادلي جا ذخيرا .7 ارب ڊالرن مان ٽپي ويا آھن، 8851 ارب رپين جي ٽيڪسن جو ھدف حاصل ڪيو پيو وڃي. گذريل سال جي بدترين ٻوڏ سبب سمورا معاشي ھدف درھم برھم ٿي ويا ھئا ۽ ملڪي معيشت کي .58 ارب رپين جو نقصان پھتو ھو، ان جي باوجود معيشت جي شرح نمو 4.2 سيڪڙو آھي. حڪومت ٻن سالن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 56 سيڪڙو واڌ ڪئي آھي، انڪم ٽيڪس ۾ ڍر جي حد وڌائي وئي آھي، ان وقت ناڻي واري وزير جي تقرير دوران ھنگاما آرائي ڪرڻ ۽ نعريبازي ڪرڻ ان جو نھ ئي ڪو جواز فراھم ڪري سگھجي ٿو ۽ نھ ئي فراھم ڪيو وڃڻ گھرجي.
ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ آپوزيشن جي ھنگاما آرائي ۽ نعريبازي جي باوجود سڪون سان پنھنجي بجيٽ تقرير مڪمل ڪئي ملڪي معيشت کي درپيش چيلينجن جي نشاندھي ڪئي، معاشي بحالي جي قدمن جو ذڪر ڪيو ۽ اقتصادي استحڪام جي سفر ڏانھن اشارو ڪيو. ھن چيو تھ 32 لک نون ٽيڪس ڏيندڙن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آھي، 7 لک نون ٽيڪس ڏيندڙن کان پھرين مرحلي ۾ ٽيڪس وصول ڪنداسين. ھن ان ڪڙي سچائي جو بھ اظھار ڪيو تھ پاڪستان جي 81 ڪروڙ ماڻھن مان محض 82 لک ماڻھو انڪم ٽيڪس جي لاءِ رجسٽرڊ آھن ۽ انھن مان بھ 51 لک ماڻھو ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائن ٿا، سرندي وارو طبقو ٽيڪس نھ ٿو ڏئي وڏن وڏن بنگلن جا مالڪ لگزري گاڏيون استعمال ڪندڙ ڪروڙين رپين جا بئنڪ بيلنس ۽ قيمتي اثاثن کي ملڪيت ۾ رکندڙ ھڪ پئسي جو ٽيڪس ادا نھ ٿا ڪن، کين پنھنجو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. 32 لک نئين ٽيڪس گذارن مان .9 سيڪڙو اھي ٽيڪس گذار ھوندا جن جي ماھوار آمدني 3 لک سالانا کان وڌيڪ آھي، کين صرف پنھنجو سالانا ٽيڪس گوشوارو جمع ڪرائڻو پوندو. حقيقت ۾ 7 لک نئين ٽيڪس گذارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آھي، جيڪي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي اھليت رکن ٿا پر ٽيڪس ادا نھ ٿا ڪن، فيڊرل بورڊ آف روينيو اھڙن ٽيڪس گذارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آھي انھن جا ٽيڪس پروفائل مڪمل ڪيا ويا آھن، جن ۾ انھن جو بيروني ملڪ سفر، قيمتي گاڏين جي خريداري، ڪروڙين رپين جا بئنڪ اڪائونٽس، ڪروڙين رپين جي جائيدادن جي تفصيل فراھم ڪئي وئي آھي ۽ کين پنھنجو واجب ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي لاءِ چيو ويو آھي. 17 ھزار نئين ٽيڪس گذارن کي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن. انھن ٽيڪس گذارن جي معاشي استحڪام ۾ شموليت سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي ۽ پاڪستان کي ٻاھرين امداد مان نجات حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير سيلز ٽيڪس جي شرح گھٽائڻ، سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ واڌ ڪرڻ، .37 ارب رپين جي سالياني ترقياتي پروگرام سوڌو ڪيترائي اھڙا اعلان ڪيا آھن جيڪي نھ صرف حيرت انگيز آھن پر منزل تي پھچڻ جي اميد بھ ڏيارن ٿا ۽ اسان کي منزل تائين پھچڻ جي اميد رکڻ گھرجي…

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close