خيرپور

اڄ خيرپور ۾ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رح جي شخصيت ۽ شاعري سچل اڪيڊمي خيرپور ۾ هڪ سيمينار ٿي رهيو آهي

خيرپور: ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رح جي شخصيت ۽ شاعري تي آچر ڏينهن شام جو 4 وڳي سچل اڪيڊمي خيرپور ۾ هڪ سيمينار ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه خاص مهمان هوندو جڏهن ته سيمينار جي صدارت صوبائي وزير ثقافت محترمه سسئي پليجو ڪندي. ان موقعي تي ثقافت ڪاتي پاران سچل اڪيڊمي ۾ ڪتاب جي مهرت ۽ مشاعرو پڻ منعقد ڪيو ويندو جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ رات جو راڳ رهاڻ جي محفل پڻ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ناليوارا صوفي راڳي سچل جو ڪلام پيش ڪندا. سيمينار ۾ سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جو چيئرمين ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پڻ شرڪت ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button