ٺٽو

اين سي ايڇ ڊي جي پر امن احتجاج تي پوليس پاران ڪيل شيلنگ ۽ تشدد واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) اين سي ايڇ ڊي ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊائم بلوچ، نور نبي جوڻيجو، خالد لطيف ميمڻ، نثار رند ۽ ٻين اسلام آباد ۾ اين سي ايڇ ڊي جي پر امن احتجاج تي پوليس پاران ڪيل شيلنگ ۽ تشدد واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پنهنجي روزگار جي حاصلات لاءِ پر امن احتجاج ڪندڙن کي ڏنڍي ۽ طاقت جي زور تي هيسائڻ وارو عمل هن جمهوري حڪومت ۾ شرمناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي هنن گهر ڪندي چيو ته هڪدم جائز مطالبا مڃي ملازمن مان مايوسي ۽ بيچيني واري فضا کي ختم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button