خيرپور

اين سي ايڇ ڊي جي ملازمن جي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جي ڌمڪي

خيرپور ( ڊر ) اين سي ايڇ ڊي جي سوين ملازمن آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو خبر موجب خميس جي ڏينهن اي سي ايڇ ڊي جي سوين ملازمن آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي عبدالحميد راڄپر ، گلبهار ڪٽوهر ۽ امبرين انصاري ڪري رهيا هيا هن چيو ته 18 ترميم تحت وفاقي وزارتون صوبن حوالي ڪيون آهن جنهن تحت خود مختيار ادارن کي به صوبن حوالي ڪيو ويو آهي پر صوبن اين سي ايڇ ڊي جي سورنهن هزار ملازمن کي 30 جون تي نوڪريءَ مان ڪڍڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون آهن هنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پڪو نه ڪيو ويو ته اسان حڪومت خلاف ڀرپور تحرڪ هلائينداسي جنهن جي ذميواري حڪومت تي هوندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button