ڪراچي

ايم ڪيو ايم طرفان ھڪ دفعو ٻيهر حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان:گورنر به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو

MQM1ڪراچي : ايم ڪيو ايم حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، سنڌ جي گورنر استعيفا ڏيئي ڇڏي ، متحده وفاقي ءِ صوبائي ڪابينا مان استعيفائن کان پوءِ مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهي نئين صف بندي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . ڪالهه سومر ڏهاڙي اهڙو اعلان ڪراچي ۽ لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي جي هڪ ئي وقت ٿيل اجلاس کانپوءِ پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار متحده جي مرڪز نائن زيرو ۾ رابطا ڪاميٽي جي ٻين ميمبرن سان گڏ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ٻن تڪن جي ڪراچي ۾ پولنگ کي ملتوي ڪرڻ واري عمل کي پ پ حڪومت جو غير جمهوري حربو سمجھي ٿي ان حوالي سان وفاقي گھرو وزير رحمٰن ملڪ لاڳيتو ايم ڪيو ايم جي قيادت سان رابطي ۾ هو. حڪومت متحده کي مجبور ڪري رهي هئي ته آزاد ڪشمير جي ٻن مان هڪ سيٽ پ پ اميدوار کي ڏني وڃي ءِ اسانکي پهريان ئي ٻڌايو ويو هيو ته جيڪڏهن اسانجي اميدوار هڪ سيٽ تان هٿ نه کنيو ته پوءِ چونڊون ملتوي ڪرايون وينديون ، ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم سان مفاهمت بجاءِ داٻي ۽ ڌمڪي وارو رويو رکيو ويو، ڪشمير جون چونڊون ٽيسٽ ڪيس هيو. جنهن بعد متحده غور ويچار ۽ پنهنجي پارليامينٽرين ءِ رابطا ڪاميٽي جي ميمبرن سان صلاح مشورن بعد حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد به پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيئي رهيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جا وفاقي توڙي صوبائي ڪابينا ۾ شامل وزير به جلد پنهنجون استيفائون لاڳاپيل فورمن ڏانهن ڏياري موڪليندا ، هن چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻ مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهندي ۽ مخالف ڌر ۾ ويهي نيون صف بنديون ڪيون وينديون هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو فيصلو جذباتي ناهي پر ملڪي حالتن ، عوام جي راءِ ۽ مختلف شين تي غور ويچار بعد اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي هن الزام مڙهيندي چيو ته حڪومت جي ذهنيت آمراڻي آهي انڪري اتحادين کي به دٻائي ڪري هلايو وڃي پيو جنهن سبب اهڙي حڪومت سان وڌيڪ وقت گڏ هلڻ ممڪن نه رهيو آهي هن چيو ته اقتدار ايم ڪيو ايم جي منزل ناهي داٻن ۽ دڙڪن ۾ نه اڳ۾ آيا آهيون ءِ نه وري هاڻ اينداسين ، ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ امن لاءِ موجوده حڪومت جي حمايت ڪئي هئي ، پ پ قيادت مفاهمت جو هٿ وڌايو ته متحده به پر خلوص موٽ ڏني ، حڪومت اسان سان ڪيترائي واعده ڪيا ويا پر بار بار واعدي خلافيون ٿينديون رهيون وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا ۾ متحدا جا وزير رڳو نالي ماتر هئا انهن وٽ فيصلا ڪرڻ جو اختيار نه هيو حڪومتي واعدي خلافين بابت لاڳيتو صدر ۽ وزير اعظم کي به آگاهه ڪندا رهيا آهيون ، مخلص دوست جيان اين آر او ۽ آر جي ايس ٽي جهڙي اشوز تي حڪومت سان اصولي اختلاف به رهيا آهن ، ڊسمبر 2010 ۾ حڪومت کان الڳ ٿياسين ته وزير اعظم متحده جي مرڪز نائن زيرو پهتو ۽ اسانکي ملڪ ۽ جمهوريت جا واسطا ڏنا ويا ڪڙو ڍڪ ڀريوسين پر ان هوندي به ڏوهارين جي هڪ ٽولي کي ڪراچي ۾ متحده ڪارڪنن جي قتل عام جي کلي ڇوٽ ڏني وئي موجوده حڪومتي دور ۾ متحده جي ايم پي اي سميت ايم ڪيو ايم جا 300 ڪارڪن قتل ڪيا ويا آهن اسين پنهنجي ڪارڪنن جا لاش کڻندا ۽ رت جا ڍڪ ڀريندا رهيا آهيون هاڻ مفاهمت جي نالي ۾ ڌونس داٻي واري سياست نه هلندي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button