خيرپور

ايم ڪيو ايم دهشتگرد تنظيم آهي جن سنڌي قوم سميت سڀني قومن کي ڪراچي ۾ تاراج ڪيو: سپاف خيرپور

خيرپور(ڊر) پيپلز پارٽي حڪومت مان ايم ڪيو ايم جو ڌارٿيڻ تي سپاف پاران شڪراني جا نفل پڙهيا ويا ۽ مٺايون ورهايون ويون. خبرموجب اربع جي ڏينهن پيپلز پارٽي حڪومت مان ايم ڪيو ايم جي ڌار ٿيڻ تي سپاف پاران شڪراني جا نفل پڙهي مٺايون ورهايون ويون ان موقعي تي سپاف سکر ڊويزن جي صدر فقير ذاڪر حسين هيسباڻي، انعام الله سمنگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيوته ايم ڪيو ايم دهشتگرد تنظيم آهي جن سنڌي قوم سميت سڀني قومن کي ڪراچي ۾ تاراج ڪيو آهي ۽ سدائين ڌارٿيڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪندا هئا انهن مان پيپلز پارٽي جي خدا جان ڇڏائي آهي هنن چيوته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي هو شهيدن جي ڏنل نعري جي پاسداري ڪندي ملڪ ۽ عوام کي خوشحالي جي راهه تي وٺي هلي رهي آهي ان موقعي تي محمد عرس ابڙو، علي گل خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button