ٽنڊوالهيارحيدر آباد

الطاف حسين مظلوم ماڻهن جي مسئلن تي سياست ڪرڻ پاران ان مسئلن جي حل جي لاءِ عملي قدم کنيا: سيد محمد علي شاھ

ٽنڊوالهيار: ملڪ کي آئيل سڀني مسئلن جو حل قائد تحريڪ الطاف حسين جي انقلابي وزن ۾ لڪل آهي. ان خيالن جو اظهار زونل انچارج ايم ڪيو ايم ٽنڊوالهيارسيد محمد علي شاھ مختلف يونٽن جي ذميدارن جي اجلاس سان خطاب ڪندي چيو ان موقعي تي ان سان گڏ جوائنٽ زونل انچارج شاهد عالم قائم خاني ۽ ميمبر زونل ڪميٽي ثاقب احمد خانزادھ به موجود هو. انهن وڌيڪ چيو ته قائد تحريڪ الطاف حسين مظلوم ماڻهن جي مسئلن تي سياست ڪرڻ پاران ان مسئلن جي حل جي لاءِ عملي قدم کنيا. گذريل ٽهٺ سالن جي عرصي ۾ فٽ بال جي طرح حڪمرانن جي ٿوڏا کائيندڙ ماڻهن ان ڳاله کي سمجهي ويا آهن ته ايم ڪيو ايم جوپليٽ فارم ئي ملڪ جي اٺهانوي سيڪڙو ماڻهن جا جائز سڀ مسئلن ۽ حقن جي حصول کي حل ڪري سگهجي ٿو. انهن وڌيڪ چيوته موجوده نازڪ حالت ان ڳالھ جو تقاضه ڪري ٿي ملڪ جي عوام ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ملڪ دشمن قوتن جو ايجنڊا ناڪام بڻائين. ۽ پنهنجي عزم ۽ حوصلي جي ذريعي انتشار ۽ ويڇا ءُ ڪرڻ واري سياست جو باب هميشه جي لاءِ بند ڪرائين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button