آرٽيڪل

الزامن مٿان الزام

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
نون ليگ جي سربراھھ ميان نواز شريف ھڪ ڀيرو ٻيھر صدر مملڪت آصف علي زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻايو آھي. الزامن جي ان سلسلي جي شروعات عام چونڊن جي فورن بعد ئي ٿي وئي ھئي ان کان پوءِ اھو سلسلو ايترو تسلسل سان ھليو آھي جو عام ماڻھو ميان نواز شريف جي قدمن کي اھميت ڏيڻ جي لاءِ تيار ئي ناھن، پاڪستان کي پيش ايندڙ چيلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ قومي اتحاد ۽ يڪجھتي جي جنھن ماحول جي ضرورت آھي اُھو ڪٿي بھ نظر نھ ٿو اچي، پارليامينٽ ۾ قائد حزب اختلاف چوڌري نثار علي خان پنھنجي اعليٰ قيادت جي ھُڇي تي صدر ۽ وزيراعظم کي پنھنجي تنقيد جو نشانو بڻائي رکي ٿو ۽ عام طور تي پنھنجي الزامن سان ڀريل تقرير کان پوءِ ايوان مان ھليو وڃي ٿو ۽ حڪومت جو جواب ٻڌڻ جي زحمت نھ ٿو ڪري. اھو ئي حال پنجاب ۾ ميان نواز شريف ۽ سندس ڪجھھ پسنديدا وزيرن جو آھي، پنجاب ۾ نون ليگ جڏھن پاڪستان پيپلزپارٽي کي مخلوط حڪومت کان الڳ ڪيو ھو تھ اُھا اقليتي حڪومت بڻجي وئي ھئي، نون ليگ جي اسيمبلي ۾ اڪثريت قاف ليگ جي ٽوڙيل ھم خيالن تي ٻڌل آھي، حقيقت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي قاف ليگ ۽ ھم خيالن سان گڏجي پنجاب ۾ حڪومت جوڙي سگھي ٿي، پر وسيع تر قومي اتحاد ۽ اتفاق راءِ جي جنھن پاليسي جي شروعات شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو ڪئي ھئي ان تي عملدرآمد سبب پنجاب حڪومت قائم آھي ۽ عام چونڊن تائين ھيءَ حڪومت صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي قومي اتفاق راءِ جي پاليسي تي عملدرآمد سبب قائم رھندي. صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪيترائي ڀيرا اھا ڳالھھ چئي آھي تھ شھيد محترمھ کيس جن ذميوارين ۾ ٻڌي وئي آھي ان جي ڪري پاڪستان جو دفاع، تحفظ، سلامتي ۽ جمھوريت جو تسلسل ان جي لاءِ تمام ضروري آھي ڇوتھ انھيءَ سان عوام جا خواب پورا ڪري سگھجن ٿا. نون ليگ جي طرفان پاڪستان پيپلزپارٽي جي خلاف جيڪي سخت زبان استعمال ڪئي وڃي ٿي ان جو جواز ائين ڏئي سگھجي ٿو تھ نون ليگ ھڪ آپوزيشن پارٽي آھي، پر ان سان گڏوگڏ ان تنقيد جو جواز ان لاءِ نھ ٿو ڏئي سگھجي جو نون ليگ پنجاب ۾ حڪومت ۾ آھي، جيڪو طرز عمل مرڪز ۾ رکي سگھجي ٿو ان جو رد عمل پنجاب ۾ بھ ٿي سگھي ٿو پر پاڪستان پيپلزپارٽي کي نون ليگ تي ھونءَ بھ اخلاقي برتري حاصل آھي تھ ھن ڪنھن بھ سياسي پارٽي کي ونڊيو ناھي ۽ نھ ئي ڪنھن سياسي پارٽي ۾ ھم خيال گروپ بڻايو آھي. ميان نواز شريف آزاد ڪشمير جي چونڊن واري جلسن ۾ خطاب ڪندي ھڪ ڀيرو ٻيھر حڪومت تي مختلف الزام لڳايا آھن ۽ ان سان گڏوگڏ ھٿياربند فوج تي الزامن جو ورجا/ ڪيو آھي. پاڪستان کي ھن وقت قومي اتحاد جي ضرورت آھي، ملڪ ڪافي مسئلن ۾ گھيريل آھي، عوام دھشتگردي جي خلاف جنگ ۽ آمراڻا حڪومتن طرفان ورثي ۾ مليل مسئلن جو شڪار آھي اھڙي عالم ۾ قومي رھنمائن مان رھنمائي جي اميد رکون ٿا پر ھتي تھ قومي رھنمائن کي تنقيد براءِ تنقيد مان ئي واندڪائي نھ آھي.

ميان نواز شريف جيڪي الزام لڳايا آھن انھن جو تجزيو ڪيو وڃي تھ انھن ۾ ڪا نئين ڳالھھ نظر نھ ٿي اچي، ايبٽ آباد واقعي تي ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو ميان نواز شريف ڪيو ھو ۽ ان جي لاءِ 84 ڪلاڪن جي ڊيڊ لائن بھ ڏئي ڇڏي ھئي، حالانڪي سياست ۾ نھ ڪا ڊيڊ لائن ھوندي آھي ۽ نھ ئي ڪا ڊيڊ لاڪ پرپوءِ حڪومت ڏاھپ جو مظاھرو ڪندي ايبٽ آباد واقعي جي جاچ لاءِ ھڪ ڪميشن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪميشن جي اعلان جي فورن بعد نون ليگ وَٽَ مٽيا ۽ الزام لڳائي ڇڏيو تھ ڪميشن جي جوڙجڪ ۾ مشاورت نھ ڪئي وئي، حقيقت ۾ تحقيقاتي ڪميشن جي جوڙجڪ حڪومت جو صوابديدي حق ھو ۽ حڪومت آئين ۽ قانون جي مطابق پنھنجو حق استعمال ڪيو ھو ۽ ھونءَ بھ پارليامينٽ ۾ صرف نون ليگ ئي واحد پارلياماني پارٽي نھ آھي، پر قاف ليگ، ايم ڪيو ايم، جمعيت علماءِ اسلام ۽ جماعت اسلامي سميت ٻيون پارلياماني پارٽيون بھ موجود آھن. حڪومت سمورين پارلياماني پارٽين سان مشاورت ڪئي ھئي ۽ ڪميشن بڻائڻ جي صوابديدي اختيارن جي باوجود اتفاق راءِ سان ڪميشن جي جوڙجڪ ڪئي ھئي. ھاڻي جڏھن تھ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جسٽس جاويد اقبال کي ايبٽ آباد واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي تھ پوءِ نون ليگ جي سربراھھ ميان نواز شريف طرفان ايبٽ آباد واقعي تي ڪميشن واري قيام جو مطالبو ڪو جواز نھ ٿو رکي. پاڪستان پيپلزپارٽي جيڪڏھن پنجاب ۾ اقليتي حڪومت کي بجيٽ جي منظوري ۾ مشڪلات جو شڪار نھ ٿي ڪري تھ ان جو مثبت رد عمل وفاق ۾ اچڻ کپي پر قومي اسيمبلي ۾ نون ليگ جا ميمبر حڪومت تي آئيندھھ مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان لڳاتار تنقيد ڪري رھيا آھن، نون ليگ جي طرفان ھڪ ٻئي الزام اي پي اين ايس کي 53 ڪروڙ روپين جي واجبات جي ادائيگي جو آھي، اشتھارن جي ڏس ۾ انھن واجبات کي اڳوڻي حڪومت اخبارن کي يرغمال بڻائڻ جي لاءِ روڪيو ھو ۽ انھن جي ذريعي پرنٽ ميڊيا کي بليڪ ميل ڪيو ويندو ھو. سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آھي تھ اي پي اين ايس جي وفد انھن واجبات جي ادائيگي جي لاءِ ٽي ڀيرا وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ اِھو سندن حق ھو، جنھن کان پوءِ انھن واجبات جي ادائيگي قانون تحت ڪرڻ جي ھدايت ڏني وئي. ان جي لاءِ تنقيد جو ڪو جواز ئي نھ ٿو بڻجي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button