اسلام آباد

اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ نيول چيف پيش نه ٿيو، نيوي جي بريفنگ تي بي اعتمادي

اسلام آباد ( م ڊ) بچاءَ واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ باوجود نيول چيف پيش نه پيو جڏهن ته پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرن نيوي جيجونيئر عملدارن جي بريفنگ تي بي اعتمادي ڏيکاري وئي،بچاءِ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر جاويد اشرفجي صدارت هيٺ ٿيو،اجلاس ۾ نيول چيف نعمان بشير کي پيش ٿيڻو هو جيڪو نه آيو، اجلاس ۾ نيوي جي جونيئر عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حملي وقت بيس ۾ 11 جرمني ۽ 6 آمريڪي موجود هئا، 38ن جهاز ۽ 17 هيليڪاپٽرموجود هئا هنن ٻڌايو ته بيس تي حملي وقت نيوي جا هڪ سئو اهلڪار موجود هئا، 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 فرار ٿي ويا ،نيوي جي عملدارن جي بريفنگ تي پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرن بي اعتمادي ظاهر ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button