اسلام آباد

اسلام آباد ۾ اين سي ايڇ ڊي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

اسلام آباد: اين سي ايڇ ڊي کاتي کي امڪاني طور ختم ڪرڻ واري عمل خلاف ملازمن ڪالهه پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ملازمن ۾ چڪريون ٿي پيون، 20 کان وڌيڪ ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازمن چيو ته اين سي ايڇ ڊي کي ختم ڪري اسان کان روزگار کسيو پيو وڃي. جيڪڏهن کاتي کي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين نفيسا شاهه جو چوڻ آهي ته صدر ۽ وزيراعظم سان ڳالهائي معاملي حل ڪرائينديس.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button