خيرپور

آمريڪي ڪونسل جنرل وليم مارٽن خيرپور ضلعي جي تاريخي ۽ قديمي ماڳن جو دورو ڪيو

US Consul General
خيرپور : آمريڪي ڪونسل جنرل وليم مارٽن اربع ڏينهن خيرپور ضلعي جي تاريخي ۽ قديمي ماڳن جو دورو ڪيو، تفصيل موجب آمريڪي ڪونسل جنرل وليم مارٽن ڪوٽ ڏجي قلعو، حضرت سچل سرمست جي مزار، گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ( گمز) ، فيض محل ٻين تاريخ ماڳن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي آمريڪن ڪونسل جنرل کي خيرپور ضلعي جي دوري دوران ڊي سي او محمد عباس بلوچ ڪوٽ ڏجي قلعي تي آجيان ڪئي جڏهن ته کيس فيض محل جي دوري دوران پرنس مهدي رضا ٽالپر سندن آجيان ڪئي. جڏهن ته سچل سرمست جي مزار جي دوري دوران آمريڪي ڪونسل جنرل صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ شرڪت ڪئي جتي علائقي جي سچل جي فقيرن پاران پيش ڪيل سچل جو راڳ ٻُڌو. جڏهن گمز جي دوري دوران انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ آمريڪي ڪائونسل جنرل جيلاني هائوس خيرپور ۾ سندس مان ۾ ڏنل مانجهندي ۾ شرڪت ڪئي ۽ منجهند جي ماني کاڌي جڏهن ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ بي بي ارشاد جيلاني، وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، پرنسل سيڪريٽري مظهر علي ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پاران آمريڪي ڪونسل جنرل ۽ ساڻس گڏ آيل عملي کي ثقافتي سوکڙيون ڏنيون ويون جڏهن آمريڪي ڪونسل جنرل جي اطلاعات آفيسر اينڊي ڊي آرمينٽ کي ڊي سي او محمد عباس بلوچ پاران خيرپور جي تاريخ بابت لکيل ڪتاب ” خيرپور- ڪرائون اينڊ جوئيل آف سنڌ“ ۽ ڊاڪيومينٽري سي ڊي پڻ پيش ڪئي. US Consul General2جڏهن ته فيض محل جي دوري دوران آمريڪي ڪونسل جنرل کي پرنس مهدي رضا ٽالپر خيرپور رياست جي دور جي نواردات ، ٽالپر حُڪمرانن جون تصويرون۽ ٻيون شيون پڻ ڏيکاريون. جڏهن ته آمريڪي ڪونسل جنرل جي دوري جي موقعي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. آمريڪي ڪونسل جنرل وليم مارٽن سان خيرپور جي دوري دوران ساڻس پوليٽيڪل آفيسر ميري ويرگاس، انفارميشن افيسر اينڊي ڊي آرمينٽ گڏ هئا جڏهن ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊي پي او خيرپور عرفان بلوچ ۽ ٻيا ضلعي عملدار ، پيپلز پارٽي جا اڳواڻ پڻ آمريڪي ڪونسل جنرل سان خيرپور جي دوري دوران پڻ گڏ هئا.
US Consul General3

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button