پرڏيھي خبرون

آمريڪا ملا عمر سان سڌو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو: برطانوي اخبار

لنڊن(م ڊ) برطانوي اخبار ٽيليگراف پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا طالبان سربراهه ملا عمر سان سڌو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي عملدارن طريقيڪار طئي ڪري ورتو آهي، اخبار موجب آمريڪا ملا عمر سان سڌيون ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، ايجنٽ کان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرائيندڙ ماڻهن تائين اهم ملاقاتون ڪرڻ جو خواهشمند آهي اخبار موجب پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مقرر آمريڪي نمائندو مارڪ گراسمين مسٽري مفاهمت جي نالي سان مشهور آهي، هليري ڪلنٽن ۽ آمريڪي دفاعي وزير طالبان سان ڳالهين جو سگنل پهريان ڏئي چڪا آهن. آمريڪي عملدار ملا عمر جي پرسنل سيڪريٽري طيب اغا سان ملاقات ڪري چڪا آهن، اخبار موجب آمريڪا جولاءِ کان افغانستان مان فوج جي واپسي شروع ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڪري طالبان اڳواڻن سان ڳالهين جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، اخبار اسلام آباد ۾ ريسرچ اينڊ سيڪيورٽي اسٽيڊيز لاءِ سينٽر جي سربراهه امتياز گل جي حوالي سان چيو آهي ته آمريڪي نمائندي مارڪ گراسمين گذريل مهيني اسلام آباد جي دوري دوران طالبان سربراهه ملا عمر سان رابطي لاءِ مدد گهري هئي. امتياز گل ٻڌايو ته اسان اهڙن گروپن يا ماڻهن کي ڏسي رهيا آهيون، جيڪي ملا عمر تائين رسائي ڏياري سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button