دادو

پنجن سالن کان گهٽ عمر وارو ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه وڃي، ڊاڪٽر نياز علي عباسي

dadu 225
دادو: ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته گلن جھڙن ٻارڙن کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ لاءِ صحت ،تعليم،لوڪل گورنمينت سميت غير سرڪاري تنظيمن ۽ والدين کي سنجيدگي سان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن پنجن سالن کان گهٽ عمر وارو ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه وڃي.
دربار حال ۾ 9 کان 11 مئي تائين هلندڙ ٽن ڏينهن واري پوليو مهم جي انتظامن بابت ڪوٺايل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ضلعي رابطه آفيسر چيو ته 15 سال کان هلندڙ پوليو جي خاتمي لاءِ هلندڙ مهم کي سنجيدگي سان ورتو نه ويو آهي . هن چيو ته پنجاب ۾ پوليو جو ڪوبه ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي جڏهن ته بلوچستان ۾7،خيبر پختون ۾ 4،فاٽا ۾ 14پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن.جڏهن ته سنڌ جي ڪارڪردگي فاٽا جهڙي پٺتي پيل علائقي کان گهٽ آهي .سنڌ ۾ پوليو جي ڪري 11 ٻارڙا هميشه لاءِ معذوري جو شڪار ٿي ويا آهن..ڊسٽرڪت ڪوآرڊينيشن آفيسر دادو ڄيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ پوليو بابت ٿيل گڏجاڻي ۾ ٻاهرين ملڪن جي ڊونر ايجنسيز سنڌ جي هوالي سان تمام گهڻيون شڪايتون ڪيون آهن ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي صلاح ڏني آهي.هن چيو ته ضلعي حڪومت دادو پوليو مهم ۾ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کڻدي، ته جيئن ڪوب ٻار رهجي نه وڃي.هن چيو ته دادو ضلعي ۾ 5 سالن تائين جي عمر جي ٻرڙن جو انگ 2 لڪ 30 هزار 7سو55آهي.ضلعي جي 52 عونين ڪائونسلن ۾ ٻارنهن سو 25پوليو ٽيمون جوڙيو ويون آهن . يونين ڪائونسل سطح تي يونين ڪائونسل سيڪريٽري ،صحت ۽ تعليم کاتن جي سپروائيزر ۽ مقامي غير سرڪاري تنظيم جي نمائندي تي ٻڌل ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن جڏهن ته تعلقي سطح تي تعلق هلٿ آفيسر،اي ڊي او تعليم ۽ مانيٽرنگ اويليوايشن آفيسر تي ٻڌل ڪاميٽيون مهم جي مانٽرنگ ڪنديون.هن چيو ته ڊي سي او سيڪريٽريٽ ۽ اي ڊي او هيلٿ جي آفيس ۾ ڪنٽرول روم قئم ڪيا ويا آهن .ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر ميڊيا ؛ي آپيل ڪئي ته پوليو مهم ببت کوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.گڏجاڻي ۾ اي ڊي او صحت ڊاڪتر مولا بخش جمالي،اي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ رضوان خان،پي پي ايچ آءِ مينيجر مولا بخش سولنگي،ڊي او روينيو عبدالله قدوائي سميت عير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن،ليڊي هيلٿ سپروئيزر شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button