اسلام آباد

”اچو ته لاڳاپا بحال ڪيون“ پاڪ آمريڪا اختيارين ۾ ملاقات

USA Pak
اسلام آباد : اڪ آمريڪا لاڳاپن جي بحالي ۽ ڇڪتاڻ گھٽائڻ جي حوالي سان آمريڪي نمائندو ۽ سي آئي اي عملدارن پاڪستان جي سول توڙي فوجي قيادت سان ملاقات ڪئي آهي، انهي حوالي سان ڪالهه پاڪستان بابت آمريڪا جو خاص نمائندو مارڪ گراس مين سي آئي اي عملدارن سان گڏجي صدر آصف علي زرداري، آرمي چيف جنرل ڪياني ۽ آئي ايس آئي سربراهه جنرل پاشا سان مليو آهي، رپورٽ موجب آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جان ڪيري جي دوري کان پوءِ آمريڪا جو خاص نمائندو مارڪ گراس مين اسلام آباد ۾ وفد وٺي پهتو آهي ساڻس گڏ سي آئي اي جو ڊپٽي ڊاريڪٽر مائيڪل مورال پڻ گڏ اسلام آباد پهتو آهي، اسلام آباد ۾ هنن صدر آصف علي زرداري، آرمي چيف ۽ آئي ايس آئي جي سربراهه جنرل پاشا سان ملاقات ڪئي آهي، انهي ملاقاتن ۾ سي آئي اي ۽ آئي ايس آئي جي معطل ٿيل لاڳاپن کي بحال ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهين جئين دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا برقرار رهن، پاڪستاني اختيارين آمريڪي نمائندن تي واضع ڪيو ته پاڪستان تي شڪ ڪرڻ بدران پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي دهشتگردي خلاف جنگ بابت هر فيصلي ۾ اتحادي ۽ دوست جي ناتي ۾ پاڪستان کي شامل ڪيو وڃي، انٽليجنس شيئرنگ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، پاڪستاني اختيارين اهو ٻڌايو آهي ته ملڪ جي پارليامينٽ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن انهن تي عمل درآمد ڪيو ويندو، آمريڪي وفد پهرين عسڪري قيادت ۽ انهي بعد پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪئي ، جنهن ۾ ٻين معاملن سان گڏ آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جي پاڪستان آمد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون، انهي بعد آمريڪا جي وفد صدر رزداري سان ملاقات ڪئي آهي انهي موقعي تي آمريڪا جي سفير ڪيمرون ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير حسين حقاني موجود هئا، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بحالي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن، انهي موقعي تي اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، مفادن ۽ اعتماد جي بنياد تي اڳتي وڌڻ گهرجن.ملاقات ۾ گھرو وزير رحمان ملڪ ۽ ناڻي وزير حفِيظ  به موجود هئا،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button