پنجن ڏينهن اندر فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو ويندو: محمد عباس بلوچ
خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ اربع ڏينهن فيض گنج تعلقي جي پڪا چانگ شهر پهتو جتي ڊي سي او آبادگارن سان پاڻي جي کوٽ جي جي شڪايتن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ آبپاشي کاتي جي ايس اي ولي محمد نائچ، اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو، رينجرس جي عملدارن ۽ وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي جي پهچ کي يقين بنائڻ لاءِ آبادگارن، آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويندي جيڪي پاڻي جي حوالي سان آيل شڪايتن جو ازالو ڪندا. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته رينجرس جي عملدارن جي گشت کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن پاڻي جي چوري کي روڪي سگهجي. گڏجاڻي کان بعد ۾ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجن ڏينهن اندر فيض گنج جي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو ويندو جڏهن ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڪوتاهي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته هاڻي فصلن جي پوک لاءِ پاڻي جي وڌيڪ استعمال ڪري فيض گنج تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي آهي پر آبادگارن کي پاڻي جي سهولت کي يقيني بنائڻ لاءِ انتهائي موثر قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي ڊي سي او آبپاشي کاتي جي ايس اي کي فيض گنج تعلقي اندر ڪئمپ آفيس قائم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ کاتي جي عملدارن کي آبادگارن جي لاءِ پاڻي کي يقيني بنائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون.ان کان اڳ ڊي سي او خيرپور پڪا چانگ شهر اندر احتجاج ڪندڙ آبادگارن سان ڳالهيون ڪرن احتجاج ختم ڪرايو. ان موقعي تي ڊي سي او سان آبپاشي ۽ روينيو کاتي جا عملدار ساڻس گڏ هئا.