موجوده حڪومت عوام جي بهتري لاءِ مختلف منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي:ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني
خيرپور : قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي بهتري لاءِ مختلف منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي جڏهن ته ماضي ۾ آمر حڪمرانن عوام جي مفادن ابتڙ ڪم ڪري ملڪ کي وڏو نقصان رسايو. هن چيو ته عدليه ماضي جي آمر حڪمرانن جي غير آئيني عهدن خلاف ڪو فيصلو ڪو نه ڏنو پر موجوده جمهوري نظام جي چونڊيل صدر جي خلاف عوام جي خواهشن جي ابتڙ فيصلو ڏئي عوام کي مايوس ڪيو آهي هن اهڙو اظهار آچر ڏينهن گورنمينٽ ناز پائيليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور جي گرائونڊ تي معذورن ۾ ويل چيئرس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾آيل آمرحڪمرانن جمهوري نظام ٽوڙي عوام ۽ ملڪ کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪيو ۽ ڊڪٽيٽرن جي غير آئيني قدمن خلاف ملڪ جو عدالتون خاموش رهيون جڏهن ته موجوده جمهوري حڪومت عوام جي فلاح و بهبود جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن ۽ وڌيڪ بهتري لاءِ پڻ ڪوششون جاري آهن پر عدالت جي تازو آيل پاڪستان جي چونڊيل صدرِ آصف علي زرداري جي ٻن عهدن خلاف ڏنل فيصلي تي عوام کي ڏک رسيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجن انهن ڪارڪن کي سلام پيش ڪري ٿي جن گذريل دور جي آمر حڪمرانن جي سخت تڪليفن جي باوجود پارٽي سان سچا رهيا ۽ پارٽي به انهن ڪارڪنن کي ڪونه وساريو آهي سندن پرگهور لڌي آهي. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه تقريب کي وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جي معزور ماڻهن کي هنري سکيا ڏيڻ لاءِ جلد هڪ هنري سينٽر کوليو ويندو ته جيئن وڌ ۾ وڌ معزور ماڻهو روزگار حاصل ڪري سگهن جڏهن ته آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ معزورن کي سندن ضرورت مطابق ٽرانسپورٽ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ کين هڪ هزار ٽرائي سائيڪلون ڏنيون وينديون ته جيئن هو پنهنجي ڪم ڪار لاءِ آساني سان اچ وڃ ڪري سگهن. ان موقعي تي تقريب ۾ آيل ضلعي جي مختلف علائقن مان آيل معزورن ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني هڪ هزار ويل چيئرس ورهايون ۽ ۽ ان خوشي ۾ گورنمينٽ ناز پائيليٽ سيڪنڊري اسڪول جي گرائونڊ کان روڊ تائين معذورن پاران ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه، بي بي ارشاد جيلاني، نظر محمد ڳاهو، محمد صالح انصاري ۽ علي شير مڪول جي اڳواڻي ۾ هڪ ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي پير سيد بچل شاهه چيوته موجوده حڪومت عوام جي بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته خيرپور ضلعي اندر صوبائي ۽ ضلعي حڪومت پاران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن ۽ اڃان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرا يا ويندا. هن چيو ته معذور ماڻهن کي ويل چيئرس سان گڏو گڏ مالي امداد پڻ ڏني ويندي ته جيئن انهن کي زندگي گذارڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير جي پوليٽڪل سيڪريٽري نظرمحمد ڳاهو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جڏهن ته موجوده چونڊيل حڪومت عوام جي ڀلائي جي ڪيترن ۽ منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ماضي جي آمر حڪمرانن ملڪ ۽ عوام کي وڏو نقصان پهچايو. تقريب کي پيپلز پارٽي اڳواڻ بي بي ارشاد جيلاني، محمد صالح انصاري، علي شير مڪول، غلام حسين مغل، مشتاق جماڻي، سيد لياقت علي شاهه، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر حفيظ الله شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان بيت المال جي ضلعي انچارج بختيار ڳاهو ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حفيظ الله شيخ پاران آيل مهمانن کي سنڌ جون ثقافتي سوکڙيون اجرڪ ، ٽوپيون ۽ ٻيا تحفا پڻ ڏنا ويا.