سينٽرل جيل خيرپور ۾ڪنهن به قيدي سان ڪوبه غير قانون ورتاءُ يا تشدد جو جيل اندر ڪوبه تصور ڪونهي
خيرپور: سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل خيرپور مظفر علي صديقي مختلف اخبارن ۾ سينٽرل جيل جي حوالي سان آيل خبرن جي ترديد ڪندي ڄاڻايو آهي ته جيل اندر قيدين جي علاج لاءِ ٽي ڊاڪٽر هر وقت موجود رهن ٿا جڏهن ته صحت جي معياري سهولتون جي نگراني ڪرڻ لاءِ سول اسپتال خيرپور جي سينئر ميڊيڪل آفيسر ۽ اسپيشلسٽ پڻ مختلف وقتن تي جيل اندر قيدين جو معائنو ڪندا رهندا آهن ۽ قيدين جون هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي حوالي سان پڻ ٽيسٽون ڪيون وينديون آهن. قيدين جي ملاقات جي حوالي سان جيل سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته جيل جي قاعدن مطابق ۽ قيدين جي مٽن مائٽن کي سندن ملاقاتون ڪرايون وينديون آهن. قيدين جي الحيدگي جي حوالي سان هن ٻڌايو ته خطرناڪ قيدين کي عام قيدين کان الڳ رکي کين جيل جي قانون موجب کين معياري کاڌو، دوائون ۽ صحت جون سهولتون پڻ مهيا ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته قيدين تائين قابل اعتراض شين جي پهچڻ کان روڪڻ لاءِ سخت سڪيورٽي ۽ تلاشي واري نظام ٽن طريقن سان لڳايو ويو آهي جنهن ۾ ڪنهن به ڪوتاهي جو ڪو به موقعو نه آهي جڏهن ته گذريل هڪ سال کان سينٽرل جيل خيرپور منشيات کان پاڪ آهي. جيل سپرنٽينڊنٽ وڌيڪ ٻڌايو ته عام طور تي قيدين سان جيل جي قائدن مطابق ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته ڪنهن به قيدي سان ڪوبه غير قانون ورتاءُ يا تشدد جو جيل اندر ڪوبه تصور ڪونهي.