ٽنڊو ڄامرانديون

سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾ ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي

Cricket
ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي، 50-کان وڌيڪ ٽيمون شريڪ، چئمپين شپ 10-ڏينهن جاري رهندي، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي شاهه لطيف گرائونڊ تي شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ شروع ٿي وئي آهي، جنهن جو افتتاح سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪالوني ويلفيئر ڪاميٽي جي چيئرمين پروفيسر ابوساجد محمد سمون بيٽ سان بال کي شاٽ هڻي ڪيو، هن چيئمپين شپ ۾ ضلعي حيدرآباد جون 50-ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جنهن ۾ 10-اوورن جي راند ٿيندي، جڏهن ته اها چيئمپين شپ 10-ڏينهن جاري رهندي ۽ فائنل ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل ڪامياب ٽيمن ۾ ٽرافيون ورهائيندو، هوڏانهن ان چيئمپين شپ جو انعقاد شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب جي اشفاق احمد ٻٻر ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار احمد خانزادي ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button