سارين جي جديد پيداواري ٽيڪنالاجي تي سيمينار
دادو:.سارين جي فصل جي جديد پيداواري ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوع تي ڪميونٽي هال ميهڙ ۾ ضلعي سطح تي زرعي سيمينار ٿي گذريو، جنهن جي صدارت ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو دادو سيد امان انور قدوائي ڪئي، ۽ چيف گيسٽ جا فرائض سيٺ ڌرم داس صدر آبادگار بورڊ ضلع دادو ڪئي ۽ سنڌ جي رائيس ريسرچ ڏوڪري مان ڊاڪٽر عبدالرحمان دوهو، زرعي ماهرن ظفرالله پنهور ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر زراعت دادو علي نواز ڪلهوڙو، سارين جون جنسون، ڪيميائي ڀاڻ، پاڻي ۽ جيتن جي بيمارين کان بچاءٌ ۽ استعمال بابت ڄاڻ ڏني. آبادگارن پاران جمال الدين ۽ سيٺ ڌرم داس گهر ڪئي ته حڪومت پاران آبادگارن کي بهتر ٻڄ ڀاڻ ۽ دوائيون مهيا ڪرڻ تي زور ڏنو آخر ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو چيو ته زرعي عملي پاران سيمينار منقعد ڪرڻ تي ساراهيو ۽ آئنده به مختلف ذرعي فصلن جي پيداوري ٽيڪنالاجي تي اهڙا پروگرام ڪرائڻ لاءِ چيو هن ٻڌايو ته آئندا هڪ هفتي اندر آبادگارن کي خريف پيڪيج تحت پاليسي موجب ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو، هن چيو ته زرعي آفيسرن ۽ آبادگارن کي گهرجي ته فصل جي پوکي وقت پاڻ ۾ ويجها رابطا رکن ۽ ٻج، ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيڻ مطعلق صلاح مشوره ڪن ته جيئن آبادگار جديد ٽيڪنالاجي مان لاڀ حاصل ڪن، هن آبادگارن تي اهيو به زور آندو ته هو ٻج، ڀاڻ دوائون حڪومت پاران رجسٽرڊ ڊيلرن کا خريد ڪن.