خيرپور

راندين سان معاشرو صحتمند ٿئي ٿو راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موجوده حڪومت ملڪ جي مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر بڻائي نوجوانن کي اسپورٽس جا بهتر موقعا فراهم ڪيا آهن : ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه

MNA Syeda Nafisa Shah briefingPhotoخيرپور: اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو آهي ته نوجوانن جي راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر ڪئي پئي وڃي جڏهن ته نوجوانن کي پنهنجي پڙهائي سان گڏو گڏ راند روند ۾ پڻ دلچسپي وٺڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار ممتاز گرائونڊ تي ضلعي جي مختلف فوٽبال ڪلبس جي رانديگرن ۾ اسپورٽس ڪٽس ورهائڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته راندين سان معاشرو صحتمند ٿئي ٿو راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موجوده حڪومت ملڪ جي مختلف راندين جي گرائونڊس جي حالت بهتر بڻائي نوجوانن کي اسپورٽس جا بهتر موقعا فراهم ڪيا آهن. تقريب ۾ ضلعي خيرپور جي ڏهن مختلف فوٽبال ڪلبس جي رانديگرن ۾ اسپورٽس ڪٽس ورهايون ويون جڏهن ته فوٽ بال ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سيد مير محمد شاهه، سيد سميع الله شاه راشدي، ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ممتاز گرائونڊ تي ڊي سي او اليون ۽ اِي ڊي او سي ڊي ڊي اليون فوٽبال مئچ پڻ ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او اليون جي ٽيم اي ڊي او سي ڊي ڊي جي ٽيم کي ٻن گولن تان شڪست ڏني. کٽيندڙ ٽيم جي رانديگرن کي ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ فوٽ بال ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سيد مير محمد شاهه پاران انعام ۽ ٽرافيون پڻ ڏنيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button