دادو ضلعي جي 2 لک 30 هزار ماڻهن کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ مئي کان ڊسمبر 2011 تائين خصوصي مهم هلائي پئي وڃي – ڊي سي او دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي
دادو:ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ضلعي جي عوام کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ نادرا جي تعاون سان مئي کان ڊسمبر 2011 تائين خصوصي مهم هلائي پئي وڃي ته جيئن ضلعي جي 18 سالن جي هر فرد کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري سگهجي. ڊي سي او دادو ڊاڪٽر نياز علي عباسي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري خصوصي مهم بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ دادو ضلعي ۾ سڀ کان گهٽ قومي شناختي ڪارڊ جاري ٿيا آهن هن چيو ته شناختي ڪارڊ اڄ جي زندگي جو لازمي حصو آهي جڏهن ته هن سال ئي بلدياتي چونڊون منقعد ٿي رهيون آهن جيڪڏهن ضلعي جي عوام کي قومي شناختي ڪارڊ نه هوندا ته اهي پنهنجي راءِ جو اظهار نه ڪري سگهندا. هن چيو ته ضلعي حڪومت دادو نادرا جي تعاون سان 2 لک 30 هزار ماڻهن کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ خصوصي مهم هلائي رهي آهي هن چيو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري نادرا کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ته سنڌ ۾ هر 18 سالن جي فرد کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو حدف حاصل ڪيو وڃي، هن چيو ته دادو ضلعي ۾ يونين ڪائونسل سطح تي پيپلز پارٽي جي صدر، يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ علائقي جي نيڪ مرد تي ٻڌل ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن جڏهن ته ڪاميٽين جي نگراني پيپلز پارٽي جي تعلقي جا صدر ڪندا، هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هن خصوصي مهم مان ڀرپور فائدو وٺن ۽ پنهنجا قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ نادرا جي آفيسن سميت ميهڙ پي پي پي تعلقي صدر غلام دستگير ڳورڙ، پي پي پي ڪي اين صدر روشن چانڊيو، پي پي پي جوهي صدر شريف جمالي ۽ پي پي پي دادو تعلقي صدر سيف الله پنهور يا پنهنجي علائقي جي يونين ڪائونسل سيڪريٽري ۽ پي پي پي يوسي صدرن سان لهه وچڙ ۾ اچن، گڏجاڻي ۾ اي ڊي او ڪميونٽي ڊولپمينٽ رضوان احمد خان، اي ڊي او ورڪس محمد يعقوب لنڊ، مانيٽرنگ اينڊ ايواليوشن آفيسر لوڪل گورنمنٽ اعجاز علي پنهور، پي پي پي تعلقي دادو صدر سيف الله پنهور، پي پي پي ڪي اين شاهه تعلقي صدر روشن چانڊيو ۽ پي پي پي جوهي تعلقي صدر شريف جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.